ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره دپيڪا پڊوڪون پنهنجي ننڍپڻ جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏ ئي هن پاڻ کي ڀارتي علائقي اندرانگر جي بدمعاش قرار ڏنو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون ننڍپڻ جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن به لکيو. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته اندرانگر جي بدمعاش آهيان مان. دپيڪا طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ کيس سياري جي موسم جي اوني ڪيپ ۽ سوئٽر پاتل آهي. تصوير ۾ اداڪاره کي وات ۾ هٿ وجهندي کلندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻئي طرف اداڪاره جي پوسٽ کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ لکين ڀيرا لائيڪ ڪيو ويو آهي.