حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انجمن حيدري حيدرآباد جي قائم مقام صدر علي  جواد انصاري پريس ڪلب ۾ رضا ايراني، سيد صفدر عباس ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته انجمن اماميه ۽ انجمن حيدري وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي فوري طور ختم ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته انجمن اماميه گذريل سال کان قدم گاهه مولا علي عه تي انجمن حيدري کي بنا سبب محرم الحرام دوارن مجلس ۽ ماتم ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش پئي ڪري جنهن سان ڪاوڙ ۽ انتشار ۾ اضافو ٿيندو تڪرار ختم نه ٿيو ته ڪو به وڏو سانحو پيش اچي سگهي ٿو.