انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي اسلام سان جوڙڻ مسلمانن لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي: عمران خان

0
444

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي اسلام سان جوڙڻ مسلمانن لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي، اسلامو فوبيا دنيا ۾ عدم استحڪام جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي، دنيا کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان سان او آءِ سي ملڪن جي سفيرن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، وزير اعظم طرفان اسلامي ملڪن کي لکيل خطن جو به ذڪر ڪيو ويو، عمران خان چيو ته دنيا جي سمورن مذهبن کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسلام جي حقيقي تشخص بابت ٻڌائڻ لاءِ او آءِ سي کي گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي…..