انتهاپسندي جو آڪٽوپس ۽ اٻوجهه عوام

0
309
انتهاپسندي جو آڪٽوپس ۽ اٻوجهه عوام

 ڇا انتهاپسندي ۽ دهشتگردي  رُڳو مذهبي ٿئي ٿي؟ ڇا مذهبي انتهاپسندي کي رُڳو مذهب يا ڪنهن خاص فرقي جي تاريخ منجهان ئي سمجهي سگهجي ٿو؟ اسان ايئن ڪونه ٿا سمجهون.  سيالڪوٽ جي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي کانپوءِ هر ڪنهن وات تي مذهبي انتهاپسندي جي واڌ جو بحث آهي. ڪو انهيءَ کي تازو تحريڪ لبيڪ سان حڪومتي ٺاهه يا رياستي آشيرواد سان ٿو جوڙي ته ڪو ضياءُ جي اسلامائيزيشن پراجيڪٽ سان ۽ ڪو وري ان جا پيرا ننڍي کنڊ ۾ سامراجي پنجوڙ پوڻ تائين به وڃي ڳولي ٿو. بهرحال ڪو ڪٿان به ڳالهه کڻي پر رياست ۽ مذهب جي رشتي جو سوال سڀ ۾ موجود آهي. تنهن ڪري رياست ۽ مذهب جي عيلحدگي جي گُهر عوامي قومي سياسي قوتن جي بنيادي سيڪيولر گُهر ٿي پوي ٿي.

صرف ايترو نه پر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي هر صورت کي ۽ انهن جي پاڻ ۾ رشتي کي به سمجهڻو پوندو. نه ته ٻي صورت ۾ اسان سميت عام عوام هڪ انتهاپسندي يا دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻي انتهاپسندي يا دهشتگردي کي حل طور فرض ڪري اُن ۾ ڦاسي سگهي ٿو  ڇو ته انتهاپسندي جي آڪٽوپس جا گهڻا مُنهن آهن.اسان سمجهون ٿا ته اها معاشي ۽ رياستي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي آهي جيڪا سماج ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جا ٻِج ڇٽي ٿي ۽ جڏهن  (فرقيواريت ۽ نسل پرستي جو) اهو فصل تيار ٿئي ٿو ته پوءِ رياست انهيءَ کي پنهنجي گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن بعد ۾ ايئن ڪرڻ جي اهل نه ٿي رهي ته پوءِ کين سختي سان منهن ڏيڻ جي بهاني پنهنجي دهشتگردي کي جسٽيفاءِ ڪري ٿي. رياستي انتهاپسندي جي ان ڊرامي کان اڳ معاشي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي پنهنجو ڪم ڪري چُڪي هوندي آهي. مثال طور  دهشتگردي جو اُهو ڪهڙو واقعو يا بم آهي جنهن سبب روزانو پنجويهه هزار ماڻهو دنيا ۾ ماريا وڃن ٿا.

جواب آهي بُک جو بم. هاڻ بُک، بيروزگاري ۽ بيدخلي جي بيماري ۾  مرندڙ ماڻهن لاءِ ٻه ئي آپشن بچندا آهن. هڪ يا ته پنهنجي پيٽ سان پٿر ٻڌي پاڻ جهڙن سان گڏجي ڪا جدوجهد ڪري يا انهيءَ پٿر کي ڪنهن پيسي واري کان پنج رُپيا وٺي پنهنجي ڀاءُ جي مٿي تي وهائي ڏي. سو  معاشي انتهاپسندي جي انيڪ حملن کانپوءِ رياستون ڪنهن به بنيادي سياسي اُٿل پُٿل کان بچڻ لاءِ پاڻ ئي سماجي دهشتگردي جا دڳ کولينديون آهن. بلڪل ايئن جيئن ايم آر ڊي  جي سزا ۾ شهرن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٻهراڙي ۾ ڌاڙيل عنصر کي هٿيار پُهچائي سگهارو ڪيو ويو ۽ بعد ۾ انهن کي چٿي عام اڳيان رياست کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو.  هاڻ به ڪجهه اهڙو ئي ٽڪساٽ سٽيو پيو وڃي. جيئن جيئن بُک بدحالي ۽ بي يقيني جي صورتحال سگهاري  ٿئي پئي تيئن تيئن حڪمرانن جا داخلي ۽ خارجي (محڪومن سان) تضاد پڻ تيز ٿي رهيا آهن. ان وڌندڙ ڇڪتاڻ جا ٻه پاسا آهن.

هڪ جمهوري ۽ ٻيو فاشي. جمهوري پاسو عوامي قوتن جي مِڙي مُٺ ٿيڻ کي اظهاري ٿو  ۽ اُن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪنهن ٻي مضمون ۾ جڏهن ته فاشي پاسو رياست پاران جبر ۽ ان خلاف هڪ سماجي سياسي پُرتشدد انتهاپسند گروپن جي وري وڌڻ سان ظاهر ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ پنجاب جي صورت ۾ اسان کي تحريڪ لبيڪ ۽ پسگردائي ۾ مسلح قومپرستن جا گروپ نظر اچن ٿا. تازو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شهر لالو رائنڪ ۾  پي ٽي آئي جي ڪينڊيڊيٽ، سماجي ۽ واپاري شخصيت رانا سخاوت راجپوت جو قتل ٿيو ۽ ان قتل جي ذميواري هڪ شدت پسند پابندي پيل تنطيم طرفان قبول ڪئي وئي. ڪراچي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر کي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ور چاڙهيو ويو. بهرحال تحريڪ لبيڪ هجي  ايم ڪيو ايم، سنڌوديش لبريشن آرمي هجي يا رووليوشنري آرمي،عوامي جمهوري جدوجهد جي رستا روڪ ۾ رياستي توڙي سماجي ٻئي انتهاپسنديون هڪ ٻئي کي ساهه ڏينديون آهن.

جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ ۾  انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو فرق اِهو آهي ته اول الذڪر کي وري به قانوني بڻايو وڃي ٿو پر بعدالذڪر لاءِ ڪو پيڪيج ڪونهي.ايتريقدر جو  جسقم آريسر جهڙي پارٽين  تي به پابندي هڻي ويتر انتهاپسند سياست لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي ٿو. پنجاب ۽ سنڌ جو فرق تڏهن به ظاهر ٿئي ٿو جڏهن فيصل آباد زرعي يونيورسٽي ۾ طارق جميل کي سرڪاري آجياڻو ڏنو وڃي ٿو ۽ ساڳئي ئي ڏينهن تي  سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائيندڙ پُرامن هڪ سو ويهه شاگردن مٿان غداري  جي  ايف آئي آر ڪاٽي وڃي ٿي۽ زرعي سان گڏ سنڌ يونيورسٽي اندر به ٻن شاگردن مٿان ايف آئي آر ڪاٽي کوڙ سارن ٻين شاگردن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن ٿا. شوڪاز ۾ به قانوني ۽ جمهوري قدر چٿيل ۽ لتاڙيل نظر اچن ٿا.

پهرين شاگردن مٿان ملڪ سان غداري جي چارج مڙهي پوءِ کين پابند بڻايو وڃي ٿو ته هو پنهنجي پيءُ يا وڏي سان اچي وضاحت پيش ڪن. جڏهن ته شاگردن سامهون ڪاميٽي ۾ يونيورسٽي انتظاميا سان گڏ ڳجهن ادارن جا ماڻهو پڻ ويٺا سوال جواب ڪن ٿا. اهو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شايد پهريون ڀيرو ٿيندو هوندو ته ثقافتي ڏينهن ملهائڻ ۽ جيئي سنڌ چوڻ جي ڏوهه ۾ شاگردن کي ايئن هيسايو ويندو هُجي.ڪنهن ٺيڪ چيو هو ته جيڪڏهن اوهان هڪ ماڻهو کي قتل ڪندا ته رياست اوهان کي گرفتار ڪندي، جيڪڏهن سوين ماڻهن کي قتل ڪندا ته رياست اوهان سان ڳالهائيندي ۽ جيڪڏهن هزارين ماڻهن کي قتل ڪندا ته چئبو اوهان پاڻ ئي رياست آهيو.

سو رياست، نوڪرشاهي (بيوروڪريٽن)جي اُها ڪاميٽي آهي  جيڪا حڪمران طبقي جي سياسي پارٽين سان ساز باز ڪري، پاڻ سان گڏ مذهبي  ۽ نسلي انتهاپسندن، دهشتگردن، جاگيردارن ۽ ملڪ رياض جهڙن سرمائيدارن جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي ۽ هزارين ماڻهن کي معاشي، نسلي، مذهبي ۽ رياستي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو کاڄ بڻائي ٿي. موٽ ۾ جڏهن مزدور، پورهيت ۽ محڪوم قوم جا ماڻهو پُرامن جدوجهد ڪندي پنهجون آئيني گهرجون اڳيان ڪن ٿا ته مٿن دهشتگردي جا قلم هڻي ٿي. جيڪڏهن ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آئي، پنجاب ۽ پختونخوا جي سرمائيدارن ۽ مذهبي انتهاپسندن سان ويجهيون آهن ته پي پي پي ۽ جي ڊي اي سنڌ جي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جون پارٽيون بڻيون بيٺيون آهن.

  هي اُهي طبقا آهن جن جي دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بربريت، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ تازو شهيد ناظم جوکيو جي شهادت ۾ اسان جي سامهون آهي.  هي ته ٿيا  انتهاپسند ۽ فاشي قوتن جا طور طريقا پر ان جي جواب ۾ عوامي ۽ قومي سياست ڇا ڪري رهيون آهن.؟ جيڪڏهن اُنهن تي هڪ نظر وجهجي ته اڪثر پارٽيون، مٿي ڄاڻايل حڪمرانن جي سياسي پارٽين جي بي ٽيم ٿي ڪري هلڻ لاءِ هر دم تيار هونديون آهن. تازو جيئمسٽ سياست سان سلهاڙيل ٻه تنظيمون جسقم بشير خان ۽ جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو) لاڙڪاڻي ۾ هڪ مذهبي تنظيم جي اسٽيج تي نظراچن ٿيون. اهي اڪيلا ڪونهن. ڪي ارباب غلام رحيم جي مدد سان پي ٽي آءِ سان ويجهو ٿين ٿا، ڪي شاهه محمد شاهه جي مهرباني سان ن ليگ سان سنگت رکن ٿا ۽ ڪي وري ظاهري لفاظي پويان پي پي جو پهر وهن ٿا.

اسان سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پنجاب ۽ پختونخوا سميت ملڪ جي پورهيت طبقي سان هڪ ٿيڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته پنجاب جا ايجنٽ ٿي ويندا آهيون پر سنڌ جي گهڻي قومپرست سياست پنجاب ۽ پختونخوا جي حڪمران طبقي (پي ٽي آي، ن ليگ، جي يو آئي ۽ ڳجهي لڪل سرڪار) سان ظاهري توڙي ڳجها اتحاد جوڙي به پاڻ کي محب وطن سڏرائيندي رهندي آهي. جيڪڏهن عوامي قومي سياسي قوتون ڪمزور ئي سهي پر پنهنجي پيرن ۽ سيڪيولر بنيادن تي بيهي، پاڻ جهڙن سان اتحاد ۾، سامراج، سرمائيدار ۽ جاگيردار مخالف جدوجهد کي اڳتي ڪونه وڌائينديون تيسيتائين انهن جي حيثيت به عام انسانن وانگي اقتدار جي شطرنج ۾ پيادي واري رهندي. نه وسارجي ته جڏهن سماجي معاشي انتشار وڌندو آهي ته صرف رجعتي نه پر انقلابي قوتن جي ڪم جا به امڪان وڌندا آهن.

قومون رات پيٽ ۾ انقلابي منجهان فاشي (مسولني جو اٽلي ۽ خُميني جو ايران) ۽ فاشي منجهان انقلابي  (لينن جو روس ۽ فڊيل جو ڪيوبا) ٿي سگهن ٿيون. ان لاءِ عوامي قوتن کي پنهنجو ڪم ۽ پنهنجي نظر ٻئي تيز ڪرڻيون پونديون. رياست ۽ سماج هڪ پيچيده ڪُل آهي. انهيءَ مٿاڇري وحدت اندر تضادن جي ڪثرت هوندي آهي. مثال طور سرمائي ۽ محنت جو تضاد، رياست ۽ سماج جو تضاد، سول ۽ عسڪري نوڪرشاهي جو تضاد، سامراج يا مرڪز ۽ پسگردائي جو قومي تضاد،  سيڪيولر ۽ مذهبي انتهاپسندن قوتن جو تضاد، پدرشاهي ۽ صنفي برابري گهرندڙ ڌُرين جو تضاد وغيره. اِهي مختلف تضاد حل ٿيڻ لاءِ مختلف روين جي گُهر ڀلي ڪن پر هڪ ئي انقلابي جدوجهد جي تقاضا ڪن ٿا. جيئن مائو زي تُنگ لکيو هو ته

“صفتي طور مختلف تضادن کي صفتي طور مختلف طريقن سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو. مثال طور پورهيتن ۽ سرمائيدارن جي وچ ۾ تضاد کي سوشلسٽ انقلاب جي طريقي سان حل ڪيو وڃي، وسيع عوام ۽ جاگيرداري نظام جي وچ ۾ تضاد کي جمھوري انقلاب ذريعي، بيٺيڪيتن ۽ سامراجيت جي وچ ۾ تضاد کي قومي انقلابي جنگ ذريعي، مزدورن ۽ هارين جي وچ ۾ تضاد کي زراعت ۾ اجتماعيت ۽ مشيني بنائڻ سان حل ڪيو وڃي، ڪميونسٽ پارٽي اندر تضاد کي تنقيد ۽ خود تنقيد ذريعي، سماج ۽ فطرت جي وچ ۾ تضاد کي پيداواري قوتن کي اوسر ڏيارڻ سان حل ڪيو وڃي.” جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو به مائو جو ئي چوڻ آهي ته “اٻوجهه عوام دشمن جي فوج هوندو آهي” جيئن سيالڪوٽ ۾ ڪالهه ٽيون ڏينهن ثابت ٿيو.