ڇاڇرو: سرڪاري اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ليکراج چيو ته انتهائي افسوسناڪ  واقعو آهي، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊي ايچ او مٺي سميت صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين معاملي جو سخت نوٽيس ورتو آهي، هن چيو ته ڄاڻايل اسپتال ٻاهرين ملڪ جي انتظاميا هلائي جنهن خلاف جاچ ڪري گهربل ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته جاچ ۾ جيڪو به ذميوار نڪتو ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.