نوابشاھ (بيورو رپورٽ) نوابشاهه پوليس ھيڊ ڪوارٽر رھائشي ڪالوني ۾ 2 سالن جي معصوم نياڻي زيمل ڌيءَ حسين اقبال لوڌي کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، نياڻي جي والده گھر ٻاھران پنھنجي معصوم نياڻي کي دانھون ڪندي ۽ ڳوليندي رھي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ ڳولا بعد نياڻي جو لاش کليل گٽر مان ڪڍيو ويو، ان حوالي سان فوتي ٻارڙي جي والدين   چيو ته اسان بار بار بلديا انتظاميا کي شڪايتون ڪندا رهيا سين ته کليل گٽرن جا ڍڪڻ لڳرايو پر ڪنھن به نه ٻڌي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.