ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ٻوڏ متاثر علائقي جي ماڻھن ۾ به جوش جذبو ، علائقو پاڻي ۾ ٻڏل ھجڻ ۽ پولنگ اسٽيشن ۾ رستو نه ھجڻ باوجود ماڻھو ووٽ جي ادائگي جو حق استعمال ڪندا رھيا، ميھڙ جي خان جو ڳوٺ يونين ڪائونسل جي ڳوٺ گھاڙي جاگير ۾ پولنگ دوران ماڻھو ٻوڏ جي پاڻي مان لنگھي ووٽ ڪاسٽ ڪندا رھيا ۽ انتظاميه جي لاپرواهي سبب  پولنگ ٻوڏ جي پاڻي جي وچ ۾ ڪئي وئي، علائقن واسين کي ووٽ ڏيڻ ۾ دشواري ٿي، ھوڏانھن ميھڙ ۾ معذور شخص به پنھنجو ووٽ استعمال ڪيو، ميھڙ جي ڪولاچي يونين ڪائونسل جي ڳوٺ ٿيٻا ۾ معذور شخص پھچي پنھجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.