سکر: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي جوڙيل ڪاميٽيءَ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز، توڙي سول ججز طرفان سکر، خيرپور، گھوٽڪي ضلعن ۾ قائم ٽينٽ سٽيز توڙي ٻوڏ، برسات متاثرن علائقن جو دورو ڪري رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته انتظاميا برسات متاثرن کي کاڌ خوراڪ، ٽينٽ سٽيز توڙي ٻيون بنيادي سھولتون ڏيڻ ۾ ناڪام آھي، امداد جا گھربل سرڪاري انگ اکر ڪاميٽي کي ناھن ڏنا ويا، فيض گنج جي سول جج مطابق کين سيڪيورٽي به فراھم ناھي ڪئي وئي.