انارڪي جو خطرو  ۽ ڳالهين جي ضرورت

0
217
بدلجندڙ حقيقتون ۽ ڳالهين جي ضروررت

 صحافي ارشد شريف جو ڪينيا ۾ قتل ۽ اسلام آباد ۾ سندس تدفين ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، فوجي ترجمانن جي کليل پريس ڪانفرنس جنهن۾ پهريون دفعو پردي پويان ڪم ڪندڙ جو ڪئميرا سامهون اچي، ماٺ جي مهر ختم ڪري عمران خان خلاف کلي ڳالهائڻ، عمران خان جي لانگ مارچ جي لاهور مان روانگي وقت سندس تقرير ۾ هڪ دفعو ٻيهر “نيوٽرلز” کي غيرجانبداري ڇڏي “چورن” جو پاسو وٺڻ جو طعنو ڏيڻ ۽ پريس ڪانفرنس ڪندڙن کي ڪوڙو ۽ بيوقوف سڏڻ ، سينيٽر اعظم سواتي جو ٻن آفيسرن هٿان کيس اگهاڙو ڪري مٿائنس ٽارچر جوالزام هڻڻ، لانگ مارچ جي موقعي تي خون خرابو ڪرائڻ لاءِ هٿيارن گڏ ڪرڻ بابت فون ڪال کي وفاقي سرڪار پاران ليڪ ڪرڻ، مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي انجنيئرن جي دهشتگردن هٿان باھ ڏئي ساڙي سنگبازي قتلن جي واقعي مان ظاهر آهي ته ملڪي صورتحال رواجي ناهي.اها انارڪي طرف وڌي رهي آهي. سنڌ جي راڄڌاڻي ۾ پوليس جي موجودگي باوجود اها ڳالھه سمجھ کان ٻاهر آهي ته انهن پاڳلن کي ڪنهن ڇو نه روڪيو. نام نهاد قومي ميڊيا ان خبر جو به بليڪ آئوٽ ڪيو جيڪا پهريائين سيلاب متاثرن کي ڌاڙيل قرار ڏيڻ ۾ پوري هئي.

غيريقيني صورتحال ڪري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي انڊيڪس ترڪندي پئي وڃي ۽ رپئي جو اگھه به “ڊاريڪانامڪس” جي طلسم مان ٻاهر نڪري چڪو آهي ۽ ڪرندي ڪرندي واپس پنهنجي اصلي جاءِ 227 تي پهچي رهيو آهي. مهانگائي مها سان گڏوگڏ ننگي به ٿي رهي آهي. هن مهيني ان ڪري به بيچيني وڌي رهي آهي جو پوري هڪ مهيني بعد فوجي سربراھه کي پنهنجي طاقتور لڪڙي نئين سپھه سالار جي حوالي ڪرڻي آهي. عمران خان جي بيچيني به ان ڪري ئي وڌيل آهي. اتحادي حڪومت پنهنجي اصلي بيانئي کان هٽي دفاعي پوزيشن تي اچي چڪي آهي.

جنهن مان سندن نڪرڻ يا بچڻ مشڪل پيو نظر اچي. عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو جي تقرير ۾ ڪجھه ڪلمات ۽ رات دير سان ان تي معذرت مان نظر اچي پيو ته هو ڦاسي چڪا آهن. هو پنهنجو بيانيو وڃائڻ بعد اقتدار به ڪنهن وقت وڃائي سگهن ٿا. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته اتحادي حڪومت فورن  نئين فوجي سربراھه جواعلان ڪري لانگ مارچ جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي ها.پر لڳي ٿو ته هو فيصلن ڪرڻ ۾ ته آزاد ناهن پر ان جي وقت تي به سندن ڪا مرضي نٿي هلي. موجوده اتحادي توڙي سابق عمراني حڪومت ڪيتري آزاد هئي جو اندازو وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا ايڊوائيزر جي استعيفا جي خط مان نظر اچي رهيو آهي. جنهن چيو آهي ته عمران خان يا شهباز شريف جي حڪومت کي حڪم ٽن مختلف هنڌن تان وصول ٿيندا هئا ۽ هو آزاد نه آهن.! عمران خان ته اڳيئي اعتراف ڪري چڪو آهي ته هو بي وس هو. پر بي وسي باوجود هوآخري وقت تائين ان سان چنبڙيل رهيو.

ان هوندي به ٽرمپ وانگر عمران خان جي ميڊيا ٽيم جيڪا مشيني ذهانت جي جديد هٿيارن سان ليس آهي، عوام خاص ڪري نوجوانن جي سوچ پٽاندر تقريرون ڪري کين لڀائي رهيو آهي. کيس احساس آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڏيڍ ڪروڙ نوان نوجوان ووٽر فيصله ڪن ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان ڪري هو سندن جذبن کي جوش ڏيارڻ لاءِ اهڙيون تقريرون ڪري رهيو آهي جنهن سان کين متاثر ڪري سگهجي ۽ طاقتورن تي دٻاءَ به جاري رکي سگهجي. چار سال حڪومت ۾ رهندي خراب ڪارڪردگي باوجود هو اهڙيون تقريرون ڪري رهيو آهي ڄڻ هو 2022ع ۾ نه پر2017 ع ۾ تقرير ڪري رهيو هجي ۽ 2018ع کان 2022ع تائن ڪنهن ٻئي عمران خان جي حڪومت هجي. ايئن سندس ڇڙوڇڙ شخصيت ڪنهن نفسياتي بيماري کي ظاهر ڪري ٿي. پر فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس بعد سندس نيڪالي مان لڳي ٿو ته پر اعتمادساٿين مٿان سندس اعتبار هٽي چڪو آهي ۽ هو پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪري رهيو آهي جنهن جو هو اظهار به ڪري چڪو آهي. هو اقتداري خمارن مان آهستي آهستي نڪري رهيو آهي.

کيس خبر آهي ته هو ڪهڙي طرح ملڪي ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان اقتدار ۾پهچايو ويو هو ۽ کيس اهو احساس به ٿي چڪو آهي ته ملڪي توڙي عالمي اسٽيبلشمينٽ کائنس ناراض آهي ۽ سندس اقتدار ۾ ٻيهر واپسي جوامڪانَ گهٽ آهي. پر انهن سمورين ڪوتاهين، ڪاهلين، سازشن، هٺ ڌرمين ۽ منافقين باوجود عمران خان جي لفظي ئي صحي، قانون جي حڪمراني جي ڳالھه کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. اتحادي حڪومت کي سياسي ڪاروهنوار ۾ برداشت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ رياست ، سياست توڙي جمهوريت جي ڊگهن مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ عمرانيت جي مخالفت ۾ ايترو پري نه وڃڻ گهرجي جتان موٽڻ مشڪل هجي. چوڌري فواد جي ڳالهين کان پهريائين مارچ اپريل ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ۽ مريم اورنگزيب جو ڳالهين کان انڪار جي پريس بريفنگن مان لڳي ٿو ته مٿن تڪڙي چونڊن ۽ ان لاءِ مخالفن سان ڳالهين لاءِ زور پئجي رهيو آهي جنهن کي هو في الحال روڪي رهيا آهن. کين اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جي هڪ مهيني گذرڻ بعد به اها ڇڪتاڻ جاري رهي ٿي ۽ جلد چونڊن کان سواءِ ڪو چارو نٿو رهي ته پوءِ 2023ع جي نئين سال جي شروع ۾ هو ڪهڙو منشور کڻي اليڪشني مهم هلائيندا.

ملڪي منظرنامي جو فاعدو وٺندي انڊيا جي بچاءَ جي وزير رجناٿ سنگھه چيو آهي ته ڪشمير کي مودي پاران انڊيا سان ملائڻ بعد هاڻي مودي جو باقي رهيل مشن اهوآهي ته گلگت بلتستان کي انڊيا سان ملائجي جيڪو سندس دعويٰ موجب سندن ملڪ جو حصو آهي.سندس اشارو 1994ع ۾ وزيراعظم نرسمها رائو جي زماني ۾ پارليامينٽ پاران منظورڪيل ٺهراءَ طرف هو.

جڏهن سنگھه سرينگر جودورو ڪري رهيو هو تڏهن آميريڪي ۽ جرمن سفير آزاد ڪشمير جو پهريون دفعو دورو ڪري رهيا هئا جنهن جي سنگھه مذمت به ڪئي. سنگھه اهو به چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن 1947ع ۾ مهاجرن سان ٿيندڙ ظلمن جو خاتموايندو ۽ کين پنهنجن گهرن ۽ ملڪيتن کي واپس ڪرايوويندو. هن چيو ته اتر طرف سندن سفر ته اڃان شروع ٿيو آهي ۽ تيستائين جاري رهندو جيستائين هو گلگت بلتستان نه پهچندا.

برسات سٽيلن جاسور سياست سبب پسمنظر ۾ وڃي رهيا آهن. مخالف ڌرته پهريائين ئي برسات متاثرن کان ڪناره ڪش هئي پر هاڻي اتحادي حڪومت به سياسي مصروفيتن سبب پاسيري ٿيندي پئي وڃي. لکين بي گهر ماڻهون جن۾ عورتن ۽ ٻارن جي اڪثريت شامل آهي مصيبتن سان منهن ڏئي رهيا آهن. عالمي ادارا ۽ ميڊيا به پاسيرا ٿي ويا آهن. سندن بحالي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي.

حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪيئن به ڪري اها امداد ملي وڃي جيئن کين قرض لاهڻ ۾ سهوليت ٿئي. ان ماحول ۾ دهشتگردي جي لهر به ٻيهر اڀري رهي آهي. معاشي، سياسي، سماجي صورتحال کي جي منهن ڏيڻ ۾ غلطي ڪئي وئي ۽ روائتي گوٿ ناٿ کان ڪم ورتو ويو ته سماج ۾ موجود ڏار وڌيڪ گهرا ٿي انارڪي کي وڌائي سگهن ٿا. جنهن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته سياسي ڌريون ڳالهين جا دروازا کولين ۽ جمهوري معاشري جي سلسلي ۾ وسيع هم آهنگي لاءِ ڪوششون تيز ڪن ٻي صورت ۾ وقت سندن هٿن مان نڪري سگهي ٿو جنهن سان غيرجمهوري غير سياسي قوتن کي فائدو رسندو.!