ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميھڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي برھان چانڊيو، پرويز چانڊيو ۽ علي گوھر چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ايم پي اي سردار چانڊيو کي پيش ٿيڻ لاءِ آخري مھلت ڏئي ڇڏي ، جسٽس صلاح الدين پنھور تي ٻڌل سنگل بينچ آڏو ام رباب چانڊيو پنھنجي وڪيل سميت پيش ٿي، ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فيبروري ۾ ٽرائل ڪورٽ ھڪ جوابدار جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي ھئي، برھان چانڊيو جي ضمانت واپس ورتي وئي آھي، ڪيس مان دھشت گردي جا قلم ختم ٿي چڪا آھن، برھان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيل شھاب سرڪي چيو ته سردار چانڊيو جي ضمانت ۾ واڌ ٿي چڪي آھي، جنھن کي فريادي چيلنج ڪيو آهي،  عدالت پڇيو ته ڇا سردار چانڊيو واردات وقت موجود هو؟ جنھن تي جوابدارن جي وڪيل چيو ته سردار چانڊيو موجود نه هو جوابدارن جي وڪيل چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻو جوابدارن کي ضمانت ڏني ھئي، جنھن تي عدالت پڇيو ته ڪھڙا نوان سبب آھن جن جي بنياد تي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آھي؟ جوابدارن جي وڪيل چيو ته ڪيس مان دھشتگردي جا قلم ختم ٿي چڪا آھن، سپريم ڪورٽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، جنھن تي عدالت پڇيو ته ڇا ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رھي آھي؟ جنھن تي فريادي جي وڪيل چيو ته  ”نه، ٽرائل رڪيل آھي“، جنھن تي عدالت چيو ته برھان چانڊيو جي وڪيل شھاب سرڪي جا جزوي دليل ٻڌا آھن، ايندڙ ٻڌڻي تي سردار چانڊيو جو وڪيل پيش ٿئي، عدالت برھان چانڊيو ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي