اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ناڻي وزير مفتاح آءِ ايم ايف جو شرط پورو جو اعتراف ڪندي لگزري شين جي امپورٽ تي لڳايل پابندي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ناڻي وزير لگزري شين جي امپورٽ تي ڊيوٽي ۾ 400 کان 600 سيڪڙو تائين اضافو ڪرڻ، رٽيل جي دڪاندارن تي 42 ارب رپين جو لڳايل ٽيڪس گهٽائي 27 ارب ڪرڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو اعلان

ناڻي وزير چيو ته سگريٽن  ۽ تماڪ 36 ارب اضافي ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو تفصيل موجب ناڻي وزير مفتاح اسماعيل اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت غير ضروري شين جي امپورٽ تي پابندي لڳائي هئي، هاڻي ان کي ٻه مهينن جو عرصو گذري چڪو آهي، هن اقرار ڪندي چيو ته لگزري شين جي امپورٽ تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جو آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي، پر ان مطالبي کي مڃڻ ۾ اسان دير ڪئي آهي، ڇو ته وزيراعظم شهباز شريف نه پئي چاهيو ته لگزري شين جي امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيون، جيڪا ڳالهه درست آهيحڪومت بجلي جي في

هن چيو ته اسان وٽ محدود ڊالر هوندا آهن ان ڪري لگزري شين جي امپورٽ تي پابندي لڳائي هئي پر هاڻي اها پابندي ختم ڪرڻ جي عالمي سطح تي شرط لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اسان سمورين شين جي امپورٽ تي لڳايل پابندي ختم ڪري رهيا آهيون پر لگزري شين جي امپورٽ سان ڳري ٽيڪس لاڳو ڪنداسين، 400 کان 600 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لڳائينداسين، اسان وڏين وڏين مرسڊيز گاڏين، ٻين قسمن جي گاڏين تي ڳري ڊيوٽي لڳائينداسين، ڇو ته اسان وٽ ڊالر ناهن جو مرسڊيز تي خرچ ڪيون، وسيلن ۾ رهي خرچ ڪرڻا پوندا آهن

آءِ فون يا گاڏيون خريدڻ بجاءِ پهريان اٽو، ڪڻڪ، ڪپهه، کاڄرو تيل جي خريداري کي ترجيح ڏيون ٿا، هن چيو ته اسان سمورين شين جي امپورٽ تي پابندي ختم ڪري ان طرح جي سيلز ٽيڪس ۽ ڊيوٽي لاڳو ڪنداسين جو ماڻهو اهي شيون وڏي تعداد ۾ امپورٽ ئي نه ڪري سگهن، مڪمل طور تي تيار گاڏين، مشينري، موبائيل فون، اليڪٽران جون شيون، امپورٽيڊ گوشت، مهانگي مڇي سميت تمام لگزري شين تي ڊيوٽي لاڳو ڪنداسين، پر اگر ڪوئي 6 ڪروڙ جي گاڏي 30- 40 ڪروڙ ۾ آڻڻ چاهي ٿو ته ڀلي آڻي

اسان جو مقصد لگزري شين جي امپورٽ کولڻ نه پر آءِ ايم ايف ۽ عالمي ادارن جي معاهدن جي پاسداري ڪرڻ آهي، هن چيو ته جن شين جي امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي اهي هاڻي به مارڪيٽ ۾ ملي رهيون آهن، امپورٽيڊ مڇي به مارڪيٽ ۾ ملي رهي آهي، مطلب  ڪٿان ته اهي شيون پابندي  باوجود مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون، اهي 4 مهينا پراڻيون شيون ته نه ٿيون ٿي سگهن، هن چيو ته بجلي جي قيمتن جي حوالي سان به آءِ ايم ايف سان معاهدي جي پاسداري ڪئي آهي جيڪا به بجلي تي سبسڊي ڏينداسين ان لاءِ فنڊ فراهم ڪنداسين، غير فنڊيڊ سبسڊي نه ڏينداسين، بجيٽ خساري جي حدف تي به قائم رهنداسين

پاڪستان لاءِ سٺي خبر

هن چيو ته اسان رٽيل جي دڪاندارن تي فڪس ٽيڪس لڳايو هو، جنهن لاءِ ڪاٿو لڳايو هو ته 42 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪنداسين، پر اهو ٽيڪس لڳائڻ ۾ مون کان غلطي ٿي ڇو ته جن دڪاندارن جو هزار کان 2 هزار بجلي جو بل ايندو هو، ان ٽيڪس لڳڻ کان پوءِ اهو بل وڌي ويو، جنهن ڪري اسان کي اهو ٽيڪس واپس وٺڻو پيو، هاڻي ان مد ۾ اسان 42 ارب رپين جي ٽيڪس وصول نه ڪنداسين پر نظرثاني ڪرڻ کان پوءِ 27 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪنداسين جنهن لاءِ آرڊيننس آندو ويندو، جنهن ذريعي رٽيل تي فڪس ٽيڪس کي ختم ڪيو ويندو، هن وقت 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۽ ساڍا 7 سيڪڙو انڪم ٽيڪس سپيٽمبر تائين دڪاندارن تي برقرار هوندي، جنهن کان پوءِ 50 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ تي ٽيڪس شرح وڌي ويندي، ائين هزار يونٽ تائين استعمال ڪندڙ دڪاندارن تي 12 کان 20 سيڪڙو تائين آڪٽوبر کان وصولي ٿيندي

هن چيو ته ائين 42 ارب جي جيڪا فڪس ٽيڪس جو ڪاٿو لڳايو ويو هو، انهن قدمن سان 27 ارب وصول ٿيندا، باقي بچندڙ 15 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪرڻ لاءِ مون وزيراعظم کي سگريٽن ۽ تماڪو تي هڪ سيڪڙو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي پر وزيراعظم ان کي ٻيڻ تي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن ڪري سگريٽن ۽ تماڪو تي نئون ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون، جنهن سان 36 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس وصول ڪيا ويندا، هن ٻڌايو ته جن هزار سگريٽن تي 850 رپيا ٽيڪس لڳايل آهي ان ۾ اضافو ڪري 2050 رپيا ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون ۽ جن هزار سگريٽن تي 5900 رپيا ٽيڪس لڳل آهي ان تي وڌائي 6500 رپيا ڪري رهيا آهيون، تماڪ جي ڪلو تي 10 رپيا ٽيڪس آهي جنهن کي وڌائي 380 رپين تائين وڌائي پئي وڃي، هن چيو ته رپئي تي دٻاءُ گهٽ ٿيو آهي، رپئي جي قدر ۽ ڊالر جي  گهٽتائي جو ٽرينڊ برقرار رهندو

اسان پنهنجي بجيٽ جي دائري ۽ وسيلن اندر رهنداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف چاهيو پئي ته آءِ ايم ايف جي بورڊ جي اجلاس کان اڳ شين جي امپورٽ تي پابندي ختم ڪئي وڃي اسان اها شرط پوري ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف جو 29 آگسٽ تي بورڊ جو اجلاس آهي، هن چيو ته ٻن مهينن کان امپورٽ ڪنٽرول ۾ آهي، آگسٽ مهيني ۾ ايڪسپورٽ ۾ 8 سيڪڙو اضافو  ۽ امپورٽ ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جنهن ڪري تجارتي خساري ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، هن چيو ته بينڪنگ سسٽم ۾ 65 ڪروڙ ڊالر آيا آهن، آگسٽ مهيني ۾ پاڪستاني رپئي جي سٺي ڪارڪردگي رهي، دنيا ۾ سڀ کان سٺي اسٽاڪ مارڪيٽ جي صورتحال به پاڪستان جي رهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف چاهيو پئي ته 4 ارب ڊالر پاڪستان ۾ اچي وڃن، ٽن دوست ملڪن  کان 4 ارب ڊالرن جي فنڊنگ حاصل ٿي آهي، چين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، 2 ارب ڊالر جي قرض جي ادائگي جي مدت کي اڳتي ڪيو

ھي به پڙھندا

نيوٽرلز کي چوان ٿو ته اڃا به وقت آهي، پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪريو: عمران خان