اميشا پٽيل عمران عباس سان لاڳاپن جي وضاحت ڪري ڇڏي

0
175
اميشا پٽيل عمران عباس

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل پاڪستاني اداڪار عمران عباس کي ڊيٽ ڪرڻ ۽ هن سان رومانوي لاڳاپن هئڻ جي خبرن تي ڀارتي ميڊيا کي وضاحت پيش ڪئي آهي

 هندوستان ٽائمز سان ڳالهائيندي اميشا پٽيل ٻڌايو ته مان انهن تمام افواهن کي ٻڌي ڪافي ٽهڪ ڏنا آهن، مان سوشل ميڊيا تي اهڙيون تمام ڳالهيون پڙهيون پر اسان ٻنهي ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي

اداڪارا چيو مان عمران کي ڪافي سالن کان سڃاڻان ٿي اسان ٻئي آمريڪا ۾ گڏجي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين ۽ هاڻي گهڻي عرصي کانپوءِ اسان جي ملاقات ٿي ته مان پنهنجي پراڻي دوست سان ملي گهڻو خوش هيس