امير گيلاني لکن ۾ هڪ آهي: ماورا حسين

0
1580
امير گيلاني لکن ۾ هڪ آهي: ماورا حسين

ڪراچي(شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا ماورا حسين چيو آهي ته امير گيلاني لکن ۾ هڪ آهي. پاڪستان شوبز انڊسٽري ۽ فلم جي خوبصورت اداڪارا ماورا حسين شوبز ۾ 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مداحن سان سيشن رکيو

ان موقعي تي هن مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪيريئر بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امير گيلاني سان هن ثبات نالي ڊرامي ۾ ڪم ڪيو هو انتهائي پيار ڪرڻ وارو اداڪار ۽ سچو انسان آهي. هن چيو ته 10 سالن دوران هن 25 کان وڌيڪ ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو جيڪي سڀ ڪامياب ٿيون.