سنڌڙي (ن پ ا) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ اميدوارن جي حمايت لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊون ٿين پيون، جن ۾ جي يو آءِ جا اڍائي ھزار اميدوار بيٺل آھن، جن مان 69 بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا  آهن، هن چيو ته سنڌڙي تعلقي ۾ اسان جا 37 اميدوار آھن جن کي پھرين ميڙ منٿ، پوءِ لالچ ۽ آخر ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ھٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اهڙي صورتحال جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي