اميتاب ۽ سري جي مائرن موتمار ڌمڪيون ڏنيون: منوج ديسائي

0
289
اميتاب ۽ سري جي مائرن

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور فلم “خدا گواه” جي هدايتڪار منوج ديسائي چيو آهي ته اميتاب بچن جي والده پٽ کي ڪجهه ٿيڻ جي صورت ۾ منهنجي گهر واري کي بيواه ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني هئي

غير ملڪي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي فلم خدا خواهه جي پروڊيوسر منوج ديسائي فلم جي شوٽنگ لاءِ پيش ايندڙ ڏکيائين جو ذڪر ڪندي بگ بي ۽ سري ديوي جي والده طرفان ملندي قتل جي ڌمڪين جو به انڪشاف ڪيو

هن ٻڌايو ته خدا گواه فلم جي شوٽنگ افغانستان ۾ هئي ۽ ان دوران اتان جون حالتون خراب هيون. اميتاب جي ماءُ تيجي بچن منهنجي گهر واري ڪلپنا کي چيو ته جيڪڏهن اميتاب کي ڪجهه ٿيو ته تون به اڇي ساڙهي پائينديءَ

هن انڪشاف ڪيو ته سري ديوي جي ماءُ به مونکيڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن سري کي ڪجهه ٿيو ته اهو (منوج) افغانستان ۾ ئي رهي جيڪڏهن ڀارت آيو ته هن کي قتل ڪيو ويندو