ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاب بچن جا ڀارت سميت دنيا ۾ ڪيترائي مداح آهن جيڪي ساڻس ملڻ لاءِ ڪهي اينا آهن ائين ئي  بگ بي اميتاب بچن هميشه جيان آچر واري ڏهاڙي تي  گهر جي ٻاهران جمع ٿيل مداحن سان ملڻ آيو ته هڪ ننڍو ٻارڙو مداح سندس گهر ٻاهران موجود سيڪيورٽي جو حصو ٽوڙي هن سان ملڻ جي لاءِ سندس قدمن ۾ اچي ڪِريو. اميتاب بچن پنهنجي بلاگ ۾ ان واقعي جي حاويل سان بيان ڪندي لکيو ته “۽ اڄ هي اسان جو ننڍڙو ساٿي، جنهن 4 سالن جي عمر ۾ ڊان ڏٺي ۽ ان جي دل اتي اٽڪي وئي، ان جا ڊائيلاگ ياد ڪيا، منهنجي اداڪاري کي ڪاپي ڪيو ۽ اندرو کان مونکي ملڻ هلي پيو، ڊگهي عرصي کانپوءِ ملاقات جي خواهش پوري ٿيڻ تي هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ اهو منهنجي قدمن ۾ اچي ڪِريو هو. هن ٻالڪ جي تصوير شيئر ڪندي وڌيڪ لکيو ته “مان ان کي دلاسو ڏنو ڇو ته اهو سيڪيورٽي جو حصو ٽوڙي ڀڄندو مون ڏانهن هليو آيو هو، هن منهنجي جيڪا پينٽنگز ٺاهي هئي ان تي پنهنجو آٽوگراف ڏنس، هن جي والد منهنجي لاءِ هڪ خط موڪليو هو اهو به مان پڙهيو، اهي آهن منهنجي چاهيندڙن جا جذبات جيڪي مونکي اهو سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن ته مان ڇا، ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڇو آهيان!.