ڳڙهي ياسين (ن پ ا) ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي بدامني خلاف آبادگار اڳواڻ   عرس الله سيلرو جي اڳواڻي ۾ آبادگار ۽ ڳوٺاڻن پاران ريلي ڪڍي لاڙڪاڻو_شڪارپور روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن  غلام اصغر جعفري، شاھزيب جيھو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي بدامني چوٽ چڙهيل آهي، غيرمحفوظ بڻيل آهيون پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.