حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي ناريجاڻي واري علائقي ۾ هڪ بااثر شخص پاران سنڌ جي امر ڪردار هوش محمد شيدي جي مقبري سامهون پيل زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ مقبري سامهون پيل زمين تي قبضي لاءِ پڪين سرن سان ڀت به اڏي وئي. علائقي جي ماڻهن اهڙي عمل خلاف روينيو اختيارين آڏو دانهيو جنهن کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻهراڙي سرهاڻ ابڙو ۽ مختيارڪار ٻهراڙي فهيم ميمڻ عملي سان پهچي ڪارروائي ڪري مقبري آڏو ٺهيل ديوار ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي. اها ڪارروائي ٽريڪٽر جي مدد سان ڪئي وئي. ان دوران ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ قبضو ڪندڙ شخص پاران مزاحمت جي ڪوشش به ڪئي وئي پر انتظاميا پنهنجي ڪارروائي جاري رکي ۽ والاريل ايراضي خالي ڪرائي ڇڏي. مختيارڪار ٻهراڙي فهيم منگي ٻڌايو ته اها زمين سرڪاري آهي جنهن تي قبضو ڪيو ويو جڏهن ته ان زمين تي هوشو شيدي جي مقبري جي توسيح ٿيڻي آهي. ڪم به هلندڙ آهي.





























