امريڪا ڪڏهن پاڪستان کان فوجي اڏا ناهن گهريا! اولهه جا سفارتڪار

0
539

اسلام آباد: اولهه جي سفارتڪارن چيو آهي ته آمريڪا ڪڏهن به پاڪستان کان فوجي اڏا نه گهريا آهن، هي مسئلو پاڪستان ۾ سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جنهن واشنگٽن ۾ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اولهه جي هڪ سينيئر سفارتڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آمريڪي انتظاميه ۾ ڪو اهڙو فرد ڪونهي جنهن پاڪستان کان فوجي اڏا گهريا هجن، ان باوجود به اهو معاملو پاڪستان ۾ سمورن ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان مسئلي تي بحث ۽ هيش ٽيگ جي مهم تي واشنگٽن ۾ هر ماڻهو حيران آهي. نيو يارڪ ٽائمز جي هڪ تازي رپورٽ جي مطابق، سي آءِ اي ڊائريڪٽر وليم برنس پاڪستاني فوج جي سربراهه ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان ان موضوع تي سڌو ڳالهايو. ڳالهين ۾ ان وقت وقفو آيو جڏهن آمريڪي عملدارن کي اهو احساس ٿيو ته سندن پاڪستاني هم منصب ٻڏتر جو شڪار آهن. مئي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پارليامينٽ ۾ اعلان ڪيو ته جيستائين وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ آهي ، تيستائين آمريڪا کي فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جنهن تي اولهه جي هڪ سفارتڪار چيو ته اهو ان ڳالهه جو ڳالهوڙو ٺاهڻ برابر آهي جيڪو مسئلو موجود ئي ناهي.