امريڪا ڪابل ۾ ڊرون حملي دوران عام شهرين کي نشانو بنائڻ جو اعتراف ڪري ورتو

0
248

ڪراچي: امريڪا ڪابل ۾ ڊرون حملي دوران عام شهرين کي نشانو بنائڻ جو اعتراف ڪري ورتو، امريڪي دفاعي وزير لائيڊ آسٽن 29 آگسٽ تي ٿيل ڊرون حملي ۾ شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ 10 ڄڻن جي مارجڻ تي معافي گهري ورتي، امريڪي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ مارجي ويلن جي پونيئرن کان معافي گهران ٿو، سنگين غلطي مان سبق سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، امريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ مڪينزي ڪابل ۾ ڊرون حملي کي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو، جنرل ڪينٿ چيو آهي ته حملي ۾ امدادي ڪارڪن ۽ سندس ڪٽنب جا 9 ڀاتي مارجي ويا هئا، حملو افسوسناڪ غلطي هئي، جنهن تي معذرت ڪريون ٿا.