امريڪا جي فوجي روانگي ۽ زخمي افغانستان جا وڃايل نسل!

0
417

آئون ان وقت اتر وزيرستان جي ڳوٺ اسوري ۾ هيس جڏهن آڪٽوبر 2001ع ۾ امريڪا، افغانستان مٿان حملو ڪيو. جڏهن حملي جي خبر ڦهلي ته پڪا پوڙها قبائلي ريڊيو جي چوڌاري گڏ ٿي بي بي سي جي پشتو سروس تان خبرون ٻڌڻ لڳا. ڳوٺ جي قبائلي چڱي مڙس ملڪ شاهدين وزير چيو ته اها باهه اسان کي وڪوڙي ويندي، ٻرندڙ جبل ته افعانستان آهي پر ان جو لاوو اسان جي قبائلي علائقي ۾ ڪاهي پوندو. جيتوڻيڪ دهشتگردي خلاف جنگ جو مرڪز ته افعانستان هو پر پاڪستان مٿان ان جا ڇنڊا رت هاڻا ۽ خوفناڪ هئا. ڊرون حملا، آپگهاتي حملا، بم ڌماڪا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ معمول بڻجي ويا. ان رات قبائلي بزرگ روسي شڪست جي پس منظر ۾ محتاط هئا ته پنهنجي گهر کي بچائڻ جي چڪر ۾ ان کي باهه ۾ ساڙي نه ڇڏجي پر نوجوان قبائلي ماضيءَ مان سبق سکڻ بدران جنگ جي جنون ۾ ورتل هئا. بعد ۾ اتر وزيرستان جو تعارف دنيا جي خطرناڪ ترين علائقن ۾ ٿيڻ لڳو هو.
شروعات ۾ افغانستان اندر طالبان ويڙهاڪن ۾ ڀاڄ پيل هئي ۽ گوريلا طرز جا حملا ڪري رهيا هئا. عالمي سطح تي مبصر حيران هئا ۽ اولهه جا اڳواڻ خوشي ۾ سرشار ته ڪيترو نه آساني سان افعان حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ سندن نيٽ ورڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. پر 2003ع ڌاري مونکي زابل ۽ ارزگان صوبن جي ڏورانهن ڳوٺن جي طالبان ويڙهاڪن ٻڌايو هو ته امريڪي ٿڪجي پوندا. هڪ اهڙي ئي ويڙهاڪ مونکي چيو هو ته ،“اسان جي اميرالمومينن (ملا عمر) جو چوڻ آهي ته امريڪين وٽ گهڙيال آهي پر وقت اسان وٽ آهي.” ٻن ڏهاڪن بعد اها امريڪا جي تاريخ ۾ سڀ کان ڊگهي وڙهي ويندڙ جنگ ثابت ٿي. امريڪا کي افغان جنگ ۾ 2 کرب دالرن جو نقصان جڏهن ته 2488 فوجين جون جانيون ۽ 20000 زخمي فوجين جو خراج ادا ڪرڻو پيو. هاڻ امريڪي صدر جو بائڊن انهي جنگ جصي خاتمي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هاڻ اها امريڪا جي ترجيح ناهي رهي. هن چيو ته. “ وقت اچي ويو آهي ته اڻ کٽ جنگ کي ختم ڪجي، افغانستان ۾ جنگ جو مطلب اهو ناهي ته اها نسلن تائين هلندي رهي.” افغانين جو چوڻ هو ته اها جنگ هنن چونڊي ناهي پر مٿن مڙهي وئي آهي، امريڪي صدر جو واضع مطلب اهو هو ته ان جنگ جو سيڪ ايندڙ نسل تي نه پوي پر اها جنگ هڪ لک افغان شهرين جون جانيون ڳڙڪائي وئي، سڄي افغان معاشري جو تاڃي پيٽو ڌار تباهه ٿيو ۽ هن جنگ 70 هزار پاڪستانين جون جانيون به کسيون جيڪو بحث هيٺ گهٽ اچي ٿو.
هاڻ امريڪا دوها ۾ ٿيل ان معاهدي جي روشني ۾ پنهنجا فوجي پهرين مئي کان واپس گهرائي رهيو آهي جيڪو اڳوڻي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران طالبان سان ڪيو ويو هو. پهرين مرحلي ۾ اڍائي هزار امريڪي فوجي واپس ٿيندا، جنهن بعد 7 هزار نيٽو فوجين جو انخلا ٿيندو ۽ هي اهو ڏينهن هوندو جڏهن نائين اليون حملي جي 20هين ورسي ملهائجي رهي هوندي. پر افغانستان ۾ سفارتي عملي جي تحفظ لاءِ ڪجهه امريڪي فوجي پوءِ به مقرر رهندا. امريڪي صدر جو بائڊن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”اسان تي حملو ڪيو ويو، اسان جنگ ۾ واضع مقصدن سان وياسين ۽ اسان اهي مقصد حاصل ڪري ورتا، بن لادن مارجي چڪو ۽ افعانستان ۾ القائده کي محدود ڪيو ويو آهي، وقت اچي ويو آهي ته امريڪا جي ڊگهي جنگ جو خاتمو آڻجي ۽ امريڪي فوجين کي واپس گهرائجي”
امريڪي صدر جو هي اعلان اهڙي وقت م سامهون آيو آهي جڏهن طالبان افغان تڪرار جي خاتمي لاءِ ايندڙ هفتي استنبول ۾ رٿيل ڳالهين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ عالمي دٻاءُ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. حيرت انگيز طور تي امريڪي جي واپسي واري معاهدي ۾ طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ سياسي سرچاءَ جي حوالي سان ڪجهه به ناهي، جنهن سان انهي خوف جو پيدا ٿيڻ فطري آهي ته ڪٿي افعانستان ٻيهر ته بي يقيني جي ور چڙهي نه ويندو. انهي فيصلي ۾ خطرو به آهي جيڪڏهن ڪابل عدم استحڪام جو شڪار ٿيو ته ان جي ذميوار بائيڊن انتظاميه هوندي. بائيڊن جو اهو حيران ڪندڙ فيصلو امريڪي انٽيليجنس جي انهي سالياني رپورٽ جي ابتڙ هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن اتحادي حمايت ختم ٿئي ٿي ته طالبان جنگ جي ميدان ۾ هاوي ٿي ويندا ۽ افغان حڪومت لاءِ کين روڪي رکڻ مشڪل ٿي پوندو.“ ڪيترائي افغاني انهي خوف ۾ ورتل آهن ته امريڪا ويو ته طالبان ٻيهر قابض ٿي ويندا. افغانستان جي انساني حقن جي ڪميشن جي اڳواڻ شهرزاد اڪبر جو چوڻ هو ته “اسان حقيقي معنيٰ ۾ پاڻ تي ڀاڙڻ وارو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۽ ان جي مستقبل کي تباهه ڪرڻ، قبرن تي حڪمراني ڪرڻ، خوف جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ، زخمن کي گهرو ڪرڻ ئي فتح آهي ته طالبان شايد فتح مند ٿين پر افعانستان ۽ ان جو عوام امن ۾ حقيقي سيڙپڪاري جي اڻ هوند ۾ هاريئندو رهندو.”
اها صورتحال ڪابل حڪومت کي ڪيڏانهن وٺي ويندي؟ غني، ڪرزئي وانگر روايتي ۽ چالاڪ اڳواڻ ناهي ۽ موجوده صورتحال ۾ هو وڌيڪ اڪيلو نظر ٿيل اچي ٿو. امريڪا جي تجزئي نگار مائيڪل ڪگلمين جو چوڻ هو ته، ”جيڪڏهن طالبان ڳالهين وسيلي اقتدار حاصل ڪن ٿا ته اندازو آهي ته سندن اختيارن تي پاور شيئرنگ معاهدي تحت اک رکي ويندي پر جيڪڏهن هو طاقت وسيلي اقتدار تي قابض ٿين ٿا ( جنهن کي خارج از امڪان قرار نٿو ڏئي سگهجي ) ته پوءِ شايد اسان کي 90ع واري ڏهاڪي جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪو افغانستان لاءِ انتهائي خوفناڪ هوندو.” جيتوڻيڪ طالبان ويڙهاڪ امريڪا جي واپسي ۽ اتحادي فورسز جي شڪست کي ”اسلام جي فتح“ قرار ڏئي رهيا آهن پر طالبان جي سياسي ونگ کي احساس آهي ته گذريل طرز حڪومت هاڻ ممڪن ناهي. طالبان بنيادي طور تي ٽن ڌڙن ۾ ورهايل آهن، هڪ انتهائي بنياد پرست شوريٰ، ٻيو دوها ڳالهين ۾ نمائندگي ڪندڙ معتدل سياسي ڌڙو ۽ ٽيون ميدان تي موجود افغان ويڙهاڪ- ويڙهاڪ افعانستان کي ملا عمر جي ويزن جي روشني ۾ اسلامي امارات ڏسڻ چاهين ٿا جڏهن ته معتدل ڌڙو نياڻين جي تعليم ۽ اليتين جي هقن جي حوالي سان لچڪ رکي ٿو. ڪگلمين خدشو ظاهر ڪندي چيو ٿو، ”طالبان اهم اڳڀرايون ڪري سگهن ٿا، شايد ڪجهه شهرن تي قبضو ڪري وٺن پر اقتدار تي قابض نٿا ٿي سگهن، تنهنڪري هڪ خوفناڪ خانه جنگي واري صورتحال سامهون هوندي.”هن نئين صورتحال جي تناظر ۾ پراڻا تڪرار اڃان تائين حل طلب آهن. بادشاهت مان عوامي جمهوريه ٿيڻ دوران افغانستان ۾ ڇڪتاڻ جي هڪ پراني تاريخ رهي آهي. جنگجو سردارن جي نسلي ويڙهاڪ ڌڙن، صدين پراڻي فرقيواريت ۽ نسلي ڇڪتاڻ هن ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو. ڪابل ۾ اڃان تائين نام نهاد مجاهدين ۽ سوويت فورسز جي واپسي دوران ويڙهه جا آثار موجود آهن ۽ افغانستا جو عدم استحڪام پاڪستان کي متاثر ڪندو رهندو. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن هڪ ٻئي تڪرار جا خدشا جنم وٺندا پيا وڃن، امريڪا ڀلي انهي ويڙهه کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏئي پر افغاني اڃان پنهنجي حياتين ۾ آزادي جا منتظر آهن.