سڪرنڊ (ن پ ا) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سڪرنڊ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اقوام متحده جو سيڪريٽري پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته جيڪي برسات متاثرين لاءِ فنڊ ڏنا وڃن اهي پ پ حڪمرانن بدران  ڪنهن بين الاقوامي ساک واري اداري کي ڏنا وڃن ته جيئن سنڌ ۾ رليف جو ڪم ايمانداري سان ٿي سگهي. ڇو ته حڪمرانن سنڌ کي ٻوڙايو ئي ان لالچ ۾ آهي ته آيل ٻاهرن ملڪن جي فنڊ هڙپ ڪري سگهجن. هن چيو ته 09 سيپٽمبر تي پوري سنڌ ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري اچڻ تي ايس يو پي سميت ٻين قومپرست جماعتن سان گڏجي احتجاج ڪنداسون ۽ احتجاج طور اقوام متحده کي خط پڻ لکنداسون ته ڪرپشن ڪندڙ  حڪمرانن کي فنڊ جاري نه ڪيا وڃن. هن چيو ته 2011 ع کان وٺي 2022 ع تائين برسات دوران جيڪي حڪمران ۽ سندن من پسند آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهن انهن جي سپريم ڪورٽ جي ججن کان شفاف جاچ ڪرائي وڃي. جيڪي سنڌ ۾ فوڪل پرسن برسات متاثر لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن انهن کي معطل ڪري سيشن ڪورٽ جا جج مقرر ڪري سنڌ ۾ رليف جو ڪرايو وڃي.