سکر(بيورو رپورٽ) حڪومت امداد ۽ راشن نه ملڻ خلاف سنڌ جا راڳي ۽ سازندا يڪتارا ۽ چپڙيون کڻي روڊن تي نڪري آيا، ڳائي وڃائي  سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو رڪارڊ ڪيو ويو، فنڪارن حڪومت کان ڳائي امداد ۽ مالڪي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اِن موقعي تي نامور راڳي جلال جوڳي، ماسٽر فتح علي، محمد پناھ مهر، دلبر فقير، نادر ابڙو، معشوق علي، بابو مستوئي ۽ ٻين ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي سميت لاڳاپيل اختيارين سنڌ جي فنڪارن جي ھن وقت تائين ڪا به مدد ناھي ڪئي، برسات ۾ ڪيترن ئي فنڪارن جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، ٻين جي گھرن کي ڪاپاري نقصان پھتو آھي، برساتن ۽ ٻوڏ سبب روزگار به بند آھي، ٻوڏ سبب راڳي به سخت متاثر ٿيا آھن پر اسان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ڪيترائي فنڪار ٻارن سميت روڊن تي ويٺل آھن. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي راڳي فنڪارن، سازندن جي مالي مدد ڪئي وڃي.