اوڪلاهاما (دلچسپ نيوز) امدادي ڪپڙن مان 60 لک رپيا نڪتا، عورت واپس ڪري ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ مختلف اسٽورن ذريعي امير ماڻهوغريبن لاءِ امدادي ڪپڙا ۽ ٻيون شيون فراهم ڪن ٿا. آمريڪي شهر اوڪلاهاما ۾ گڊ ول نالي هڪ امدادي اسٽور ۾ هڪ عورت ملازمه اينڊريا ليسنگ امدادي ڪپڙا کوليا ته انهن مان ڪيترائي نوٽ نڪتا، جڏهن ان عورت اهي نوٽ ڳڻيا ته اهي 42 هزار ڊالر يعني 60 لک رپيا هئا، پهرين ته عورت کي لڳو ته اهي نقلي آهن پر پوءِ جڏهن اهي هڪ سئو وارا 42 هزار ڊالرز جا نوٽ اصلي نڪتا ته انهن کي ڏسي عورت ملازما حيران ٿي وئي، جيڪڏهن هو چاهي ها ته انهن کي لڪائي ڇڏي ها پر هن ائين نه ڪيو ۽ پنهنجي مالڪ کي ٻڌائي ڇڏيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪپڙن تي امداد ڏيندڙ جو نالو ۽ ايڊريس به لکيل هجڻ سبب اسٽور انتظاميا ان سان رابطو ڪري ورتو، امداد ڏيندڙ نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي انتظاميا کي اها رقم به امداد طور ڏيڻ جي هدايت ڪئي. جنهن بعد اسٽور انتظاميا امداد ڏيندڙ شخص جي اجازت سان ان رقم مان هڪ هزار ڊالر اينڊريا کي ڏئي ڇڏيا. ان حوالي سان اينڊريا جو چوڻ هو ته آئون رقم لڪائي پئي سگهيس پر ڀلائي جي بدلي ڀلو ٿيڻ تي يقين رکان ٿي انڪري رقم واپس ڪيم. هن چيو ته آئون انتهائي غريب آهيان پر هاڻي اها رقم ملڻ بعد پنهنجي 6 ورهين جي ڌيءُ جي سالگرهه سٺي نموني ڪنديس.