امجد سراج ميمڻ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر

0
407

ڪراچي: هيڪ چيئرمين ڊاڪٽر عاصم جا سرچ ڪاميٽي تي واريل اعتراض رد، امجد سراج ميمڻ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سرچ ڪاميٽي پاران شارٽ لسٽ ڪري اماڻيل نالن مان امجد سراج ميمڻ کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي منظوري بعد يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سرچ ڪاميٽي پاران اماڻيل وڌيڪ 2 نالا ڊاڪٽر لبنيٰ بيگ ۽ ڊاڪٽر افضل قادري جا نالا آئوٽ ٿي ويا. هيڪ چيئرمين ڊاڪٽر عاصم پاران وزيراعليٰ کي خط لکي ڊاڪٽر قدير راجپوت جي سربراهي ۾ قائم ٿيل سرچ ڪاميٽي کي نااهل قرار ڏئي اعتراض واريو هو. ڊاڪٽر عاصم جا واريل اعتراض رد ڪندي وڏي وزير پاران امجد سراج ميمڻ کي 4 سالن لاءِ وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو.