لاڙڪاڻو/ نئون ديرو (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان  امتحاني فيس جي اوڳاڙي خلاف لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو ۾ شاگردن پاران ڪلاسن جا بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين 7 ڏينهن به ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪندري اسڪول،  گورنمينٽ گرلس ماڊل، ھاءِ اسڪول جي شاگردن احتجاج ڪيو، ٻي طرف  نئون ديرو ۾ ڪيهر هاءِ اسڪول جي شاگردن  استادن سان گڏجي ڪيهر ڳوٺ وٽان سکر – لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اياز سانگي، گدا حسين لاڙڪ، قربان علي ماھوٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو غريب شاگردن کان نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي جبري طور فيس اوڳاڙي ڪري غريب شاگردن کان تعليم جو حق کسي رهي آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  فيس اوڳاڙي وارو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.