لاڙڪاڻو/جيڪب آباد/باڊهه/ ڏوڪري (نمائندن وٽان) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو طرفان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحاني فيس جي اوڳاڙي خلاف لاڙڪاڻو ،جيڪب آباد، باڊهه ۽ ڏوڪري ۾ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وي آءِ پي روڊ تي ڌرڻو هنيو. هوڏانهن ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن اسڪول ٻاهران ڌرڻو هنيو. ٻئي طرف سينٽ جوزف ھاءِ اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وي آءِ پي روڊ بلاڪ ڪيو. انگلش ماڊل اسڪول جي شاگردياڻين اسڪول جي احاطي ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي انتظاميه جي ناجائزين خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون پر بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ناهي ورتو. اسان وٽ مختلف استاد تنظيمن جي اڳواڻن پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي پر حڪومت جي ڪنهن به نمائندي اسان سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو. هنن چيو ته لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان نائين جماعت جي شاگردن کان 1100 ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان 2600 روپيا غيرقانوني فيس اوڳاڙڻ غريب ۽ وچولي طبقي کي ويتر پريشان ڪرڻ برابر عمل آهي.هوڏانهن جيڪب آباد ۾شاگردن ابرار  ڀٽو، حسنين شاھ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو. باڊھه ۾ شاگردن کان امتحاني فيس اوڳاڙڻ واري عمل خلاف گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊھه جي شاگردن پاران احتجاج مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي پاسي  ڏوڪري گرلز هاءِ اسڪول جي شاگردياڻين احتجاج ڪيو، گسٽا ڏوڪري يونٽ جي صدر نفيسه شاھ جي اڳواڻي ۾ شاگردياڻين پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.