ڪراچي: امتحانن جو معاملو لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي خط کان شروع ٿيو جنهن ۾ هن کاتي کي سفارش ڪئي هئي ته ڪرپشن کان پاڪ امتحانن ۽ نتيجن لاِ امتحان آئوٽ سورس ڪيا وڃن. حيدرآباد بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر محمد ميمڻ چيو ته سڄو معاملو تصور کان به مٿاهون آهي، سنڌ ۾ تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي سنڌ جو وڏووزير نه پر کاتي جو وزير آهي.