ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت امام سڳورن جي چاليھي جي مناسبت سان مختلف شهرن ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، قلم 144 نافذ، ان ڏس ۾ گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي، حيدرآباد،سکر، ٺٽو، دادو، ڄامشوري گهوٽڪي شهر، ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي ۾ 19 ۽ 20 صفر،  خيرپور ۾ 18 کان 23 صفر، سانگهڙ، سجاول ۽ مٽياري ۾ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، ميرپورخاص شهر ۽ سيٽلائيٽ ٽائون توڙي  شهيد بينظيرآباد جي ڪچهري روڊ، ڪلاٿ مارڪيٽ، گول چڪرا مارڪيٽ، شهدادپور روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ 20 صفر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، جيڪب آباد ۾ 19 صفر تي 3 کان ساڍا 11 هين وڳي ۽ 20 صفر تي 8 وڳي کان ساڍا 11 وڳي تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، نوٽيفڪيشن موجب ٻيلهه سواري تي پابندي پوليس ۽ رينجرز جي سفارش تي لڳائي وئي، چاليهي جي جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ پابندي لڳائي وئي، عورتون، پيرسن، صحافي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار پابندي کان آجا هوندا. ٻئي طرف آءَ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جيز کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته چاليھي جي موقعي تي غيرمعمولي سيڪيورٽي انتظامن تي مشتمل ڪانٽيجينسي پلان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، روزاني جي بنياد تي اسنيپ چيڪنگ ڪئي وڃي، انٽيليجنس وڌائڻ سان گڏوگڏ موبائيل ۽ موٽر سائيڪل تي گشت، شهرن جي داخلي ۽ خارجي پوائنٽس تي پڪٽنگ سميت مسجدن، امام بارگاهن، درگاهن ۽ اقليتن جي مذهبي هنڌن تي سيڪيورٽي جا سمورا انتظام ڪيا وڃن