اماراتي ڪرڪيٽر قدير احمد تي 5 سالن جي پابندي لاڳو

0
547

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) گڏيل عرب امارات جي ڪرڪيٽر قدير احمد تي 5 سالن لاءِ پابندي لڳائي ڇڏي. آءِ سي سي موجب قدير احمد آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ ڇهه جي ڀڃڪڙي کي تسليم ڪيو ۽ کيس آڪٽوبر 2019ع ۾ چارج ڪيو ويو. ٻئي پاسي مهر ديپ چاياڪر کي آءِ سي سي جي قانون جي ڀڃڪڙي تي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ سي سي موجب مهر ديپ چاياڪر وٽ چارج جو جواب ڏيڻ لاءِ 15 ڏينهن جو وقت آهي.