اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو تڪرار ڪٿي دنگ ڪندو ؟

0
193

 عمران خان جي حڪومت جنهن جو خيال آهي ته ڪپتان سميت سموري ٽيم بهادري سان ٽي سال پورا ڪري هاڻي رستي تي اچي پڳي آهي، جنهن جا باقي ايندڙ ٻه سال خوشين سان ڀرپور سال هوندا ان ڪري گهٻرائڻ پريشان ٿيڻ جو وقت گذري ويو. جنهن حڪومت جي هر وزير  جو اهو خيال آهي ته اهي وڏا بهادر آهن ان حڪومت جي وفاقي وزير فواد چوڌري جي اها حالت آهي جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ واري ميڊيا بريفنگ هن بغير صحافين جي ڪرڻ مناسب سمجهي. جنهن ۾ هو اها خوشخبري ڏئي رهيو هو ته وفاقي ڪابينا وفاقي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ واري سمري رد ڪري  ڇڏي آهي. سرڪاري ٽي وي ذريعي نشر ٿيندڙ اهڙي خوشخبري تي واهه واهه نه ڪرڻ مثبت رپورٽنگ جي بلڪل بر عڪس آهي. جنهن وقت وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا اهڙي سمري رد ڪري رهي هئي بلڪل انهي وقت عوام جي مٿان پيٽرول مهانگو ڪرڻ  واري سمري منظور  ٿي رهي هئي جنهن جي اعلان سان عوام جي گذر سفر جا سمورا رستا سوڙها ڪيا ويا آهن.

                 وفاقي وزير جن کي فيڪ نيوز تي شديد غصو آهي، هاڻي انهن کي ان ڳالهه تي به رنج آهي ته ميڊيا شين جا سمورا پهلو ڇو نه ٿي ڏيکاري. جنهن ميڊيا کي پيٽرول پنج رپيا مهانگو ٿيڻ  جو فڪر آهي انهن کي وفاقي وزيرن جي ڏهه سيڪڙو پگهار نه وڌڻ جي پريشاني ڇو نه آهي؟  جنهن ميڊيا جا نمائنده صبح صبح سان پيٽرول پمپ تي وڃي پنهنجن موٽر سائيڪلن ۾ پيٽرول ڀرائيندڙ کان مهانگائي جو سوال ڪن ٿا اهي نمائندا پارليامينٽ لاجز منسٽر انڪليو ۾ وڃي وزيرن کان اهو سوال ڇو نه ٿا ڪن ته انهن جي پگهارن ۾ اضافي نه ٿيڻ ڪري سندن  زندگي تي ڪيترا گهرا اثر پئجي رهيا آهن؟ فواد چوڌري کان ويندي شيخ رشيد تائين سمورن وزيرن جو موقف به اچڻ گهرجي ته هي جيڪا هيڏي قرباني هنن  ڏني آهي تاريخ ۾ ان جو مثال ڪهڙجن لفظن سان ياد ڪيو ويندو؟ ميڊيا  کي پارليامينٽ جي سامهون برطرف ٿيل سورنهن هزار ملازمن جو فڪر آهي پر معصوم منسٽرن جي ذري جو فڪر ڪونهي باوجود انهي جي جو فواد چوڌري جهڙو وفاقي وزير هاڻي چئي رهيو آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جو گذر سفر بهتر ٿيو آهي.  باوجود انهي جي اسان جو زور پيٽرل پمپ تي ايندڙ موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن تي آهي. گڏهه گاڏي چنگچي وارن جا حال احوال ڏيکاريا پيا وڃن پر ساڳئي وقت جيڪي پجيرو گاڏين وارا اچي پيٽرول ڀرائي رهيا آهن انهن کان ڇو نه ٿو پچيو وڃي ته سندن زندگي ڪيئن گذري رهي آهي؟

جنهن فواد چوڌري  کي فيڪ نيوز خاص طور تي سوشل ميڊيا تي گهڻو غصو آهي ساڳئي ئي سوشل ميڊيا تي فواد چوڌري جيڪو بيان جاري ڪندي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن ملڪ جي اڪثريتي عوام يعني 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي اهڙي اڪثريتي آبادي بهتر زندگي گذاري رهي آهي ڇا سوشل ميڊيا تي فواد چوڌري جو اهڙو تجزيو ۽ خبر فيڪ نيوز ۾ شمار ڪجي يا سچ سان ڀرپور خبر طور پڙهجي.

فواد چوڌري اها خوشخبري به پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ ذريعي ٻڌائي آهي ته پوري ريجن ۾ پيٽرول اسان وٽ سستو آهي يا ته اسان وٽ پيٽرول جا کوهه دريافت ٿين يا ساڳئي  قيمت تي پيٽرول خريد ڪريو ان کان وڌيڪ فواد چوڌري توهان کي ڪيئن واضح لفظن ۾ سمجهائي؟

هڪڙو وقت هو جڏهن اسحاق ڊار ناڻي جو وفاقي وزير هو تڏهن ڊالر سئو روپئي جي حد پار ڪري ويو هو. شيخ رشيد اسحاق ڊار کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڊالر ڪنٽرول ۾ اچي وڃي  سئو کان هيٺ لهي اچي ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.  جنهن کانپوءِ اسحاق ڊار ڊالر کي ضابطي ۾ آڻي سئو رپئي کان هيٺ کڻي آڻي شيخ رشيد کان استعيفيٰ گهرندو رهيو، پر شيخ رشيد اسحاق ڊار جي مطالبي کي مان ئي نه ڏنو. هاڻي شيخ رشيد جو پنهنجو دور آهي جنهن ۾ نه ڊالر ڪنٽرول ۾ آهي نه وري پيٽرول جي قيمت. هن حڪومت جو اهو عمل به ميرٽ ۾ شمار ٿي رهيو آهي ته ناڻي وارا وفاقي وزير هجن يا پنجاب جي بيوروڪريسي وارا هجن،اهي مهينن جي بنياد تي تبديل ٿيندا رهن ٿا پر چون ٿا ته وفاقي ڪابينا وارا وزير وزيراعظم سان گڏجي  نيب چيئرمين کي ايڪسٽينشن ڏيڻ تي غور ويچار ڪري رهيا آهن. نيب چيئرمين ۽ سندس اداري جي ڪارڪردگي جو پڙاڏو سڄي ملڪ ۾ آهي. حڪمرانن جو اهو خيال آهي ته اهڙو ڏکيو وقت  ته مخالف ڌر وارن کي اهي ڏيکاري نه سگهيا آهن جيڪو نيب ڪيسن ذريعي انهن ڏٺو آهي. ٻيو ته نيب جي نيت ۾ جيڪو ڪجهه هوندو آهي اهو  وفاقي وزيرن کي اڳ ۾ ئي سمجهه  ۾ا چي ويندو آهي،  اهڙي آزاد آئيني اداري جي تعريف نه ڪرڻ به سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي. جيتوڻيڪ احتساب سڀني لاءِ وارو بيانيو رکندڙ نيب هينئر تائين اهو ثابت ڪيو آهي ته احتساب رڳو سڀني مخالف ڌر وارن لاءِ ،اهڙي احتساب واري دائري ۾ حڪومتي وزيرن جو شمار ئي ناهي. ڪارڪردگي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي به گهٽ ناهي رهي. قومي اسيمبلي  جي اسپيڪر اسد قيصر مخالف ڌر کان ويندي صحافين تائين جا در بند ڪري حڪمرانن  جي انا کي جنهن طريقي سان تسڪين پهچائڻ جو ڪم ڪيو آهي ان لاءِ ان جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي. پيپلز پارٽي وارن کي هينئر تائين اهو قصو سمجهه ۾ نه  ٿو اچي ته خورشيد شاهه جا قومي اسيمبلي جي اجلاس  دوران پروڊڪشن آرڊر جاري ڇو نه ٿا ٿين؟ هينئر ته ملڪ جي صدر عارف علوي کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻو هو پر  پوءِ به خورشيد شاهه کي پارليامنٽ نه پهچايو ويو. بلاول ڀٽو  زرداري به روز جي بنياد تي اهو   سوال اٿاريندو آهي ته سکر جي اپوزيشن ليڊر ۽ لاهور جي اپوزيشن ليڊر ۾ آخر ڪهڙو فرق آهي.؟

ڊاڪٽر عارف علوي به پنهنجي خطاب م عمران خان کي بهادر قرار ڏنو آهي جيڪو ڪنهن جي به آڏو ناهي جهڪندو. هينئر سندس حڪومت جو ٽڪراءُ اليڪشن ڪميشن جهڙي آئيني اداري سان آهي، جنهن آئيني اداري جي سربراهه اها همت ڪئي آهي ته هن وقت جي حڪمرانن کي “نه” چوڻ شروع ڪيو آهي. اعظم سواتي جهڙا وفاقي وزير صدر عارف علوي  سان به ملي آيا آهن اهڙي ملاقات ۾ به اليڪشن ڪميشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار  ڪيو ويو آهي. هينئر ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کي باهه ڏيڻ تائين جهڙي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن به  پنهنجي موقف تي ڄمي بيهي رهي آهي. فواد چوڌري جهڙن وزيرن کي به نوٽيس اماڻڻ جا فيصلا ٿي چڪا آهن پر اليڪشن ڪميشن جهڙي آئيني اداري کي نادرا جهڙن ادارن سان ٽڪرائجندي  به ڏٺو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جو هڪ ٻئي ڏانهن خطن ذريعي مخاطب ٿيڻ وارو عمل ڪٿي دنگ ڪري  ٿو، ان سوال جو جواب ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر مجموعي طور تي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين سڪندر سلطان راجا جو گهيراءُ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. عدالتن تائين سندس خلاف درخواست پهتيون آهن عدالتن اليڪشن ڪميشن جي معاملي ۾ اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي .

مون کي ياد آهي جڏهن عمران خان مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهندو هو جتان اچي هن ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو هو تڏهن اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار ۽ اڳوڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس حامد مرزا جي دور ۾ جيڪي تقريرون ڪيون هيون  انهن تقريرن تي ٻنهي ادارن  عمران خان کي نوٽيس اماڻي طلب ڪيو هو، عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو  هو جتي چيف جسٽس افتخار چوڌري چيو هو ته ٻاهر ڪيترائي ماڻهو الائي ڇا ڇا چوندا آهن پر توهان عمران خان آهيو توهان کي نوٽيس به انهي ڪري ڏنو آهي ته توهان عمران خان آهيو.

ساڳيو عمران خان اليڪشن ڪميش ۾ حاضر ٿيڻ کان انڪاري نظر اچي رهيو هو ان وقت جي  چيف  اليڪشن ڪمشنر حامد مرزا جڏهن پنهنجي آئيني حيثيت ڏيکاري تڏهن عمران خان جي ساڳئي بابر اعواڻ  واري ٽيم عمران خان کي مشورو ڏنو ته پيش ٿي معافي وٺو  نه ته پنجن سالن  لاءِ نا اهل  ٿي ويندو جنهن وقت عمران خان اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو جتي سندس وڪيلن  جڏهن معافي جو لفظ استعمال ڪيو  تڏهن عمران خان جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هئي.

هن اليڪشن ڪميشن کان به فارين فنڊنگ ڪيس  سست  هلائڻ کان ويندي فيصل واوڊا جي ڪيسن جي جلد نه اڪلائڻ جهڙا سوال رهيا آهن پر چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا واري سربراهي واري اليڪشن ڪميشن جهڙي طريقي سان ڊسڪه واري چونڊن  کان ويندي يوسف رضا گيلاني واري سينيٽ واري چونڊ تائين وزيراعظم جي خطابن کي منهن ڏنو آهي جنهن اليڪشن ڪميشن حڪومت کي بيڪ فٽ تي رکيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته وفاقي وزيرن جو مستقبل به معافي سان مشروط ٿي ويندو. جڏهن ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ايندڙ چونڊن جي منصوبا جوڙيندڙ سرڪار جا منصوبا به رد ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. هي جيڪا ڪينٽونمينٽ بورڊ واري چونڊ ٿي آهي ان کانپوءِ ته عمران خان واري حڪومت اليڪشن ڪميشن سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي ٽڪراءُ ۾ ايندي نظر اچي رهي آهي جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ عمران خان وارن جو ايندڙ حڪومت جوڙڻ وارو خواب رڳو خواب ئي رهجي ويندو.