اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيمرا جي ڪائونسلآف ڪمپلينٽ کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لائسنس کي غلط ڄاڻ نشر نه ڪرڻ سان مشروط ڪرڻ،  پيمرا جو دائرو گلگت ۽ آزاد ڪشمير تائين وڌائڻ لاءِ پيمرا ايڪٽ ۾ ترميم جي سمري وفاقي ڪابينا کي اماڻي وئي آھي، ذريعن مطابق سڌ سماءَ جي وفاقي وزارت پاران اليڪٽرانڪ  ميڊيا تي سرڪاري گرفت وڌائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا کي پيمرا ايڪٽ ۾ چئن کان وڌيڪ ترميمن تي ٻڌل سمري اماڻي وئي آھي، جن ترميمن ۾ پيمرا جو دائرو گلگت ۽ آزاد ڪشمير تائين وڌائڻ سان گڏ پيمرا ايڪٽ ۾ ڊس انفارميشن جي نئين تشريح شامل ڪرڻ جي به تجويز شامل ڪئي وئي آھي، تجويزن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لائسنس کي ڊس انفاميشن سان مشروط ڪرڻ ڪائونسل آف ڪمپليٽس کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ به شامل آھي، ذريعن مطابق اهڙي ترميمن تي ٻڌل سمري جي مظوري سمري سرڪيولر  ذريعي وٺڻ تي غور ڪيو پيو وڃي