اليڪشن ۽ مظلوم پورهيت طبقي جي سنڌ!

0
133
شاھ لطيف: هڪ انقلابي شاعر

اقتداري سياست جو ماضي ٻڌائي ٿو ته ڪي پارٽيون ۽ اتحاد ڪيئن ٺهيا آهن، ڪهڙين حالتن جي پيداوار رهيا آهن؟ بهرحال ماضي جي تاريخ جون حقيقتون تلخ آهن.

  عوامي سياست لاءِ سگهاري تنظم ڪاري جي کوٽ ۽ گڏيل اليڪشن پليٽ فارم نه هئڻ باوجود به صورتحال مايوس ڪندڙ نه آهي. ڪجهھ سنڌ دوست پارٽين مان آهن، ته ڪي آزاد به بيٺل آهن. ڪي جوڌا جوان وڏي آفر تي هٿ کڻي ويا آهن. پر ڪي اهڙا به ديس ڀڳت آهن جيڪي سندرو ٻڌي بيھي رهيا آهن. اهي ڪرنسي ۽ مصنوعي هٿڪنڊن جو اثر قبول نٿا ڪن. اهي روايتي پوليٽيڪل انجنيئرنگ خلاف عوام ۾ عوامي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. انهن جي ارڏائپ ۾ خودداري جي خوشبوءِ اچي ٿي. انهن اهو سوچي سندرو ٻڌو آهي ته فيوڊل لارڊز کي ڪيترو عرصو ڀوڳيو وڃي؟ کٽڻ يا هارائڻ کان بي نياز ٿي، انهن سياست جي سينواريل تلاءُ ۾ پٿر اُڇلايا آهن. انهن اسپيس خالي نه ڇڏي، پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو آهي. شهري مڊل ڪلاس تضادن کي گهٽ ۽ مفادن کي وڌ سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شهري اليٽ ۽ مڊل ڪلاس جي ڀيٽ ۾ پوئتي پيل علائقن جا مرد ۽ عورتون وڌيڪ متحرڪ آهن. اهو دراصل سياسي ۽ سماجي جبر خلاف بغاوت جو هڪ نتيجو آهي جو هو چاهين ٿا ته سماج جو ڏتڙيل عوام به اڳتي وڌي موجوده ڍانچي ۾ تبديلي آڻي ۽ عوامي راڄ جي آبياري ڪري. نوجوانن جي ان بلند حوصلي مايوسي ۽ خوف کي شڪست ڏني آهي. دراصل اليڪشن مهم عوام تائين پهچڻ ۽ انهن جا مسئلا سمجهڻ جو بهترين ذريعو آهي. انهن اميدوارن پنهنجي تڪ ۾ موجود مسئلن جي نشاندهي چونڊ مينيفسٽو ۾ ڪري عوام تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت هي آهي ته سنڌ ۾ اقتداري سياست جا پيچرا مفادن جي آربٽ جي چوطرف ڦرندا رهيا آهن.

فيوڊل سرمايه دار مچي مواڙ ٿي ويا، پر عوام جي حالتِ زار جي شڪل سنڌ جي چپي چپي تي ڏسڻ لاءِ موجود آهي. اقتدار پرست پارٽين جو چونڊ منشور دراصل موسمي منشور آهي، جنهن جي پسمنظر ۾ اڪثر پارٽين جي فردن جي قول ۽ ڪردار ۾ انحرافي جو عمل پسي سگهجي ٿو. اڳ جي ڀيٽ ۾ هن اليڪشن تي ڏاڍن مڙسن کان عوام پڇاڻو ڪيو آهي ته انهن ڪهڙا تير هنيا؟ چونڊ ورڪ دوران ڀوتار سمارٽ فون جي ڪيمرا سامهون ايئن ونئون وڃن ٿا، جيئن هُڙيو کانڀاڻي کان. ايئن جي سنڌ جاڳي پل پل جو حساب چڪائي ته پاڻ کي ٻيو کپي ڇا؟ جرئت جو اهو اتهاس ماضي کان مختلف آهي. هاڻ ويهھ واٺن کانسواءِ ماڻهو ساڳيا نه رهيا آهن. سوال ڪن ٿا ۽ وضاحت طلب ڪن ٿا. هن وقت عوام ۾ اقتدار پرست پارٽين سان اهو ماضي وارو پرجوش تعلق ناهي رهيو، جو ڀوتار انهن کي جيئن وڻي تيئن استعمال ڪن. ڪوڙن هيرن جي نالي تي به کين بليڪ ميل به نٿو ڪري سگهجي. ريليون ۽ جلسا جلوس ٿي رهيا آهن. ايڪو سائونڊ ۽ دهل شرنائن تي ڪي دوسو نچي رهيا آهن، پر اڪثر ماڻهو اهڙي رونشي ۾ عدم دلچسپي رکن ٿا. شايد ان جو سبب ماضي جي رجعت پسند فيوڊل سياست هجي جنهن ۾ وعدا ته جام هئا، پر وفا نه ٿيا. آبادي جي تناسب سان مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءِ وڌي رهيا آهن. پورهيت طبقو بک، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي عذابن کي منهن ڏيندو رهيو آهي. ان طبقي وٽ هاڻ وڃائڻ لاءِ ڪجھه به ڪونهي. ان پسمنظر ۾ بي ضمير اميدوارن جي منشور جي سنڌ ڪهڙي آهي: عام لوڪ سوچي ٿو.

پنج سالن جي هائبرنيشن کانپوءِ موسمي همراھه تڪ جي رستن تي راهي ٿيا آهن، جتي سندن گاڏين جا ٽائر ڦٽجي رهيا آهن. پنهنجي ڪيل ”ترقي“ تي لڄارا به ڇو ٿين؟ سنڌ جي عوام، ڳوٺن ۽ شهرن جي بدحال حالت انهن جي ضمير کي نٿي جنجهوڙي، الئه ڇو؟ شايد ضمير جو خمير سنڌ جي مٽي ۽ مرياڌا جي جڙت جو آهي ئي ڪونه! هن وقت به اقتدار پرست پارٽين جا اميدوار پراڻي حڪمت عملي تحت رڳو بااثر زميندار، ڪاروباري سيٺ يا پٽيل وٽ وڃن ٿا، جڏهن ته پورهيت ووٽر وٽ وڃڻ جي عافيت ئي محسوس نٿا ڪن، هو سمجهن ٿا ته ڪجهھ بااثر ماڻهو قابو ڪرڻ سان عام خلق انهن جي اثر جي دائري هيٺ ووٽ ڪري ويندي، اصل ڪم ڀوتار ۽ برادري جي سردار تائين رسائي آهي: سماجي بيهڪ مطابق هي جمود پرست سوچ عام ووٽر جي منشا خلاف اثراندز ٿئي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ عوام دوست پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جي پهچ سڌو عام ماڻهو تائين آهي. انهن کي خبر آهي ته سماج جو ملڪيتدار طبقو ڀوتار جي نيڪسس جو حصو آهي، هو ان جي حڪمن جي پوئيواري ڪندو، ان ڪري پورهيت ڪلاس ۾ وڃڻ نسبتن بهتر آهي.

اهي عام ماڻهو وٽ نه صرف ووٽ گهرن ٿا، پر اصل ووٽ جو حقدار ڪير آهي؟ ان سوال جي وضاحت به ڪن ٿا. سنڌ ۾ ووٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي نه پر پيري مريدي، فيوڊل اثر رسوخ، پارٽي ۽ نسل پرستي جي بنياد تي به ڏنو ويندو آهي. پيري مريدي جي بنياد تي ٿيندڙ ووٽ جو فائدو مريد ۽ مرشد کي ٿئي ٿو. فيوڊل سرمايه دار پنهنجي تڪ جي چار اٺ بااثر واٺن کي نوازي ٿو، پارٽي ۾ به ڪي خاص ماڻهو ٺيڪن ۽ نوڪرين کي جهڙپ هڻن ٿا. نسل پرستي ۾ ٻيون برادريون خارج ٿي وڃن ٿيون. عام ماڻهو جو خيال آھي ته: نياڻيون اغوا نه ٿين. لوئي ۽ لڄ محفوظ ھجي. ڪوڙا ڪيس داخل نه ڪيا وڃن. ٻنين ۽ گئوچرن تي قبضا نه ڪيا وڃن. کوھ تان پاڻي ڀرڻ کان نه روڪيو وڃي. سندس لنگهھ ۽ رستا بند نه ڪيا وڃن. پلاٽن، ٻنين ۽ دڪانن تي قبضا نه ٿين. چوري ۽ ڏاڍ زوري بند ڪئي وڃي. ھر شڪل جو استحصال بند ڪيو وڃي.

هوڏانهن، جيڪي روايتي حريف آهن: ٻنهي پاسي ٿوري گهڻي فرق سان انهن جي ماضي جو ڪرڪوت، ڪردار ۽ مقصد ساڳيو آهي: مسڪين ماڻهن لاءِ ڪي گهٽ ته ڪي وڌ خراب آهن. سوشل ميڊيا جو شعور جي ترويج ۾ ڪردار بهتر آهي، پر نتيجا سوشل ميڊيا جي اک کان مختلف ٿي سگهن ٿا. پائلو فريري درست چيو آهي ته: ”بي اختيار ماڻهو بي جان شين وانگر آهن.“ مجموعي طور تي اليڪشن عوام جا سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏيندي، اها به خام خيالي آهي. ڇو ته ان سماجي، سياسي ۽ معاشي بيهڪ ۾ عوامي سياسي رجحان سگهارا نه آهن، ۽ طبقاتي جبر موجود آهي. ڏيک ۾ مختلف ۽ جوهر ۾ ساڳيو متبادل ڪيئن ٿيو؟ جنهن کي متبادل چون پيا اهو متبادل ته ڪونهي، ( اهو خال عوامي سياسي ڌرين کي ڀرڻ گهرجي.) پر هڪ ماضي جي تسلسل ۾ ڪجهھ اسپيس ضرور پيدا ڪري سگهي ٿو، مسلسل راڄ ۾ اهو وقفو ضروري به آهي، ان جا فائدا وري ايندڙ اليڪشن ۾ ٿيندا. ايئن اڳتي هلي اهي ٻئي ڌريون پنهنجي بيڪار ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام ۾ ويساھه وڃائي سگهن ٿيون ۽ اڳتي هلي ڪا نئين لهر پيدا ٿيڻ جا امڪان اُڀرندا. هن اليڪشن جي نتيجي ۾ پُتلي راڄ جڙندو. اهو انقلابي فڪر تي آهي، جيڪو سماج بدلاءُ جو اصل ڪم ڪري ٿو.

سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جي ڍانچي ۾ عام خلق ذهني توڙي جسماني طور اوطاقن سان سلھاڙيل آهي. ووٽ ڀوتارن جي حڪم کان ٻاهر ڪونه آهن. ڀوتار جي پاس خاطري ۾ پوئواري ٿيندي آھي. هو انتھائي مھارت سان هٿ ڪنڊا استعمال ڪندو آھي. انھي سيٽ اپ ۾ مختلف برادرين جا چڱا مڙس، پٽيل، سردار ۽ جانٺڙيا پنھنجو ڪردار ادا ڪندا آھن. ايئن اليڪشن هڪ تماشو هجي ٿي. غريب مزدورن جو ٽرڪون بسون ڀري لاٿو ويندو آھي، جن کي ووٽ ڪرڻ ۽ ڊڪٽيٽ ڪرڻ لاءِ ڀوتارن جا ڪمدار ۽ خاص ڇاڙتا موجود ھوندا آھن. جيڪي جاگيرداري قانون هيٺ ونگار وھندا آھن.

 اليڪشن وڙهندڙ اڪثر پارٽيون جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ذاتي ملڪيت لڳي رهيون آھن. ذاتي مفادن تائين محدود ليڊر شپ ۽ رُڪنيت سماجي محڪومي ۽ استحصال کان نجات نه ڏياري سگھي آهي. هتي سياست کي وڏيرڪي مزاج جا سِڱَ هئڻ سبب مظلوم ۽ پيڙهيل طبقا صرف ووٽر سمجھيا وڃن ٿا. موروثيت، پيري مريدي ۽ هاري مُجيري جي تصورن سان آرسته پارٽيون مذهبي انتها پسندي، دهشتگردي، هاري ۽ مزدور جي استحصال، انساني حقن ۽ جاگيرداري ٽوڙڻ جو ڪو به نقطو منشور ۾ شامل ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ کان عاري نظر اچن ٿيون.

 جيئن جيئن اليڪشن ويجهي ٿئي پئي، تيئن تيئن ڀوتارن جي ٻيگهي مچي ويئي آهي، هر طرف ڀوتار سرگرم ٿي ويا آهن، جلسن ۽ جلوسن جو جهان جُڙي پيو آهي. اقتداري سياست ڪنهن منشور جي محتاج ناهي ۽ لوٽا ڪريسي هن ديس جي اُفق تي نئين ڳالهه ناهي، چرخو چُرندو رهندو آهي ۽ ڦِيٿو ڦِرندو رهندو آهي. عوام کي جاگيرداري پنجوڙ جي سَت رِڇين ايترو ته سُڪ ڪيو آهي، جو هُو ووٽ جو به آزاد استعمال نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري عوام جي منشا به مَريو وڃي، سُٺو سرمايو رکندڙ اُميدوار جنهن پارٽيءَ ۾ وڃي، عوام کي ان جي پُٺيان هلڻو آهي. سمجهدار ۽ باشعور ماڻهن جي کوٽ سبب جمهوري طرزِ حڪمراني بي فائدي، ناڪام ۽ ڪرپٽ رهي آهي.

هتي اليڪشن جو مطلب آهي عوام جو موڊ ۽ مزاج مٽائڻ لاءِ مڙيئي شُغل ڪرڻ. اصل ۾ چونڊبو وري به هي ساڳيو ملڪيتدار طبقو! هن اليڪشن ۽ پنج سالن کانپوءِ ايندڙ اليڪشن ۾ به اهو ڍڳو ايئن ئي پير پيران هوندو. جيڪي فوت ٿيا سي ڇٽا، انهن جا وري پٽ لٿي ڪندا. هي عشق جو گاڏو، ڪڏهن هو گهليندا، ڪڏهن هي ڌڪيندا رهيا. آهن ٻئي ساڄا ڪُلها. ان عرصي ۾ عوام ٻارڻ ٿيندو رهيو آهي. موت، حادثا، لوڊشيڊنگ، بيروزگاري، رشوتخوري، حرامپائي، پنهنجا نوازي، اقرباپروري، مارا ماري، غريب دشمني: اهڙيون انيڪ برايون موجود رهيون آهن، اڃان وڌيڪ ڦهلجنديون رهن ٿيون.

هاڻ هي جيڪي هائبرنيشن مان موسمي مڙس ٻاهر نڪتا آهن؟ جتي وڃن ٿا، اتي انهن کي ڇا ٿو نظر اچي؟ ڪو ڀلو اسڪول؟ ڪا فضيلت ڀري اسپتال؟ ڪو بهتر روڊ رستو؟… غريب طبقي جي ٻچڙن جي حالت انهن کي نظر نٿي اچي؟ ڪنهن خودڪشي ڪئي، ڇو ڪئي؟ ڪنهن مسڪين جي گهر ۾ ڪهڙو ڪهرام ٿيو؟

ان سڄي پسمنظر ۾ ڊاڪٽر اسپتال ۾ پيو ورڪ ڪري ته ووٽ ڪنهن کي ڪرڻو آهي؟ پروفيسر آفيس ۾ دليل بازي تي لهي پيو آهي ته ڀوتار راڄ ڪيئن رحمت آهي؟ وڪيل ته وڏي مهم تي نڪري پيو آهي ۽ ٿر بر پيو جهاڳي، ڪلرڪ پيو فخر سان واکاڻ جا واڄٽ ڪري ته قبلا سائين جي دور ۾ ڪرپشن ڪيئن عروج ماڻيو؟ پٽيل غريب عوام کي پيو چريو ڌتورو پياري ته سندس تڪ جو تيس مار خان ڪيئن گنگا جل جهڙو پويتر آهي؟ ايئن پنج سال مهانگائي، لوڊشيڊنگ، پاڻي جي اڻهوند، ۽ روڊ حادثن کان مري بچڻ کان پوءِ خلق اليڪشني تبليغ تي لٿي آهي. جيڪو جتي آهي، اتي پيو جک هڻي! ڪي گهڻا همراھه اهڙا به آهن، جيڪي پنهنجي پيءُ يا ڀائرن کي غلامي جي تربيت ڏيئي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيندا آهن، ۽ پاڻ وري انقلابي خبرون ڪندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو وٽ جياپي جو آپشن ئي ناهي هوندو؟ ماڻهو شيطان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ڦاسي پوندو آهي. نالا بدليل هوندا آهن، اصل ۾ ڪردار ۽ اعمال ساڳيا ئي هجن ٿا. ڊائلاگ الڳ ۽ اسٽائيل الڳ، ناٽڪ جو مطب ساڳيو، ڪٿا ساڳي ۽ پڄاڻي ساڳي! هتي سياست جي سيني ۾ نڪو دل آهي، ۽ نه ئي ڪردار ۾ اخلاقيات ۽ شرافت! ٽڪيٽ نه ملي ته پارٽي تبديل ٿي وڃي ٿي. بي ضمير به پني تي لکندا آهن ته ووٽ ضمير جو آواز آهي. پنهنجي ضمير کي ڪهڙي ڪٽهڙي ۾ ٿا بيهارين؟

مون چيو مينڌيءَ کيت کي، اُٿي ڦٽي پَوُ،

مون کي ڪيئي سَوُ، رتا گهرجن هٿڙا. (شيخ اياز)