اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آخرڪار وزيراعظم  عمران خان آئيني ذميواري ادا ڪندي اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبي جي ميمبرن جي خالي ٿيل ٻن جاين تي مقرري لاءِ اپوزيشن ليڊر کي خط لکي ڇڏيو، 26 جولاءِ 2021ع تي اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب مان مقرر ميمبر الطاف ابراهيم قريشي، خيبر پختونخوا مان مقرر ميمبر ارشاد قيصر پنهنجي پنجن سالن جي مقرري جي مدت پوري ڪري رٽائر ٿي ويا هئا، وزيراعظم خط ۾ پنجاب صوبي مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبر جي مقرري لاءِ ٽي نالا تجويز ڪيا آهن، جنهن ۾ پوليس گروپ سان تعلق رکندڙ گريڊ 22  جي رٽائرڊ آفيسر احسن محبوب، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو گروپ سان تعلق رکندڙ گريڊ 22 جي رٽائرڊ آفيسر ڊاڪٽر سيد پرويز عباس ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل راجا امير خان شامل آهن، خيبر پختونخوا صوبي مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبر جي مقرري لاءِ به 3 نالا تجويز ڪيا ، جنهن ۾ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جو گريڊ 22 جو رٽائرڊ آفيسر فريد الله خان، سپريم ڪورٽ جو وڪيل مزمل خان شامل آهن، اپوزيشن ليڊر کي خط ۾ وزيراعظم چيو آهي ته اوهان هن تجويز تي جلد کان جلد پنهنجي راءِ ڏيو ته جيئن ٻنهي صوبن مان هڪ هڪ ميمبر جي مقرري جو مرحلو اڳتي وڌائي سگهجي.