اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ 14مئي تي چونڊن واري حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪئي هئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جسٽس منيب ۽ جسٽس اعجاز الاحسن پڻ شامل آهن، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو جواب اڃا هاڻي مليو آهي پي ٽي آءِ لکت ۾ جواب جمع ناهي ڪرايو  عدالت سمورن جوابن جو جائزو وٺڻ لاءِ وقت ڏئي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان اوهان جي مدد ڪريون ته جواب ۾ ڇا چيو ويو آهي؟ اوهان دليل ڏيو ايندڙ ٻڌڻي تي نئون معاملو اٿارڻ چاهيو ته اٿاري سگهو ٿا،  اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جا رولز سپريم ڪورٽ پاڻ ٺاهيا آهن، ڪرمنل ۽ سول دائري اختيار کان ٻاهر اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي،  نظرثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو دائري اختيار ديواني ۽ فوجداري ڪيسن ۾ محدود هوندو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بنيادي حقن لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ سول نوعيت جو ڪيس هوندو آهي، آرٽيڪل 184 (3) جو هڪ حصو عوامي مفاد ٻيو بنيادق حقن جو آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته جيڪڏهن چونڊن جو ڪيس هاءِ ڪورٽ کان ٿي اچي ها ڇا سول ڪيس نه هجي ها؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ جو آئيني اختيار سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ آهي، جسٽس منيب چيو ته نظرثاني ڪيس ۾ اوهان جو موقف آهي ته دائرو محدود ناهي ڇا هي بنيادي حقن جي ڪيس سان امتيازي سلوڪ ناهي سپريم ڪورٽ ڇو پنهنجي دائري اختيار ۾ شڪ پيدا ڪري؟ وڪيل سجيل سواتي چيو ته آرٽيڪل 184 ۾ اپيل جو حق ناهي ڏنو ويو جنهن ڪري نظرثاني جو دائرو محدود نٿو ڪري سگهجي عدالت کي نظرثاني ۾ انصاف جي گهرجن کي نظر ۾ رکڻو آهي، آئيني ڪيسن ۾ نئون نقطو اٿاري سگهجي ٿو، جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا اوهان جو دليل آهي ته 184 (3) ۾ نظرثاني جي اپيل وانگر ٻڌڻي ڪئي وڃي؟ وڪيل چيو ته نظرثاني جو دائرو محدود نه ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته اوهان جا دليلن ۾ تمام سٺا نقطا اٿاريا آهن انهن تي عدالتي حوالا اطمينان بخش نه آهن جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اوهان جا دليل مڃون ته نظرثاني ۾ نئين سر ٻڌڻي ڪرڻي پوندي آئين ۾ ناهي لکيل ته نظرثاني ۽ اپيل جو دائرو هڪجهڙو هوندو، وڪيل چيو ته آئين ۾ دائري ڪار کي محدود به ناهي ڪيو ويو، چيف جسٽس چيو ته نظرثاني کي اپيل ۾ تبديل نه ڪريو، آرٽيڪل 184 (3) اپيل جو حق ناهي ڏنو، دائري ڪار وڌائڻ لاءِ آئين ۾ واضح هجڻ گهرجي، وڪيل چيو ته نظرثاني ۾ عدالت کي مڪمل انصاف لاءِ آرٽيڪل 187 جو اختيار به استعمال ڪرڻ گهرجي تفصيلي فيصلو اچي وڃي ته وڌيڪ سولائي ٿي ويندي. چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪي ڳالهيون لکي ڏنيون آهن اهي پهريان ڇو نه ڪيون؟ ڇا ڪنهن اداري هاڻي اليڪشن ڪميشن کي اهو موقف اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي؟ چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت هن ڪارروائي کي سنجيدگي سان وٺي رهيون آهن، ماضي ۾ حڪومت بينچ تي اعتراض ڪندي رهي آهي ڪڏهن فل ڪورٽ ڪڏهن چار ٽئي جو نقطو اٿاريو ويو جسٽس منيب اختر چيو ته چونڊن سان پنجاب ۽ ڪي پي جي ڪروڙن ماڻهن جا حق سلهاڙيل آهن، عوامي مفاد ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ ۾ آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ صبح 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.