اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن 28 مئي تي قومي اسيمبلي جي تڪن تي ضمني چونڊون روڪي ڇڏيون، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن 11 مئي تي پولنگ جي لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، معطل ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق 28 مئي تي اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪاڻه صاحب ۽ اين اي 239 ڪورنگي ڪراچي جي تڪن تي ضمني چونڊون ٿيڻيون هيون.