اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ حتمي تڪبندين جي لسٽ شايع ڪري ڇڏي آھي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 266 ۽ سنڌ سوڌو چئني صوبائي اسيمبلين جي 593 جنرل سيٽن تي حتمي تڪبدين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آھي حتمي تڪبندين جي لسٽ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد مان حاصل ڪري سگهجي ٿي ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ابتدائي تڪبندين جي لسٽ 31 مئي تي شايع ڪئي هئي پهرين جون کان 30 جون تائين انهن تڪبدين تي اعتراض وصول ڪيا ويا اليڪشن ڪميشن کي ڪل 910 اعتراض وصول ٿيا جن تي 30 جولاءِ تائين ٻڌڻي ڪري اڪلايو ويو جنهن کان پوءِ ڪالھه اليڪشن ڪميشن حتمي تڪبدين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.