ڪراچي (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته اڄ 31 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊ ڪرائڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪنور دلشاد چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ سموري مشينري حرڪت ۾ آڻي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، هن چيو ته فوري اهو ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن فل بينچ آڏو اپيل داخل ڪري وقت وٺي، ڪميشن کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا، اڄ چونڊون ڪرائڻ نامڪن نظر اچي ٿو، ايترو جلدي اليڪشن ڪرائڻ سان شفافيت تي سوال اٿي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن اٽارني جنرل معرفت اڄ ئي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري، ٿي سگهي ٿو ته چيف جسٽس 15 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏي.