لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ دير جو ڪو حربو ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. زمان پارڪ لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي اليڪشن ڪميشن کان بنا دير چونڊن جي شيڊيول جي اعلان جو مطالبو ڪيو. عمران خان چيو ته آئين تان ڦرڻ جي ڪوشش نه اڳ ۾ قبول ڪئي سين ۽ نه هاڻ ڪنداسين، قومي سطح تي صاف شفاف چونڊون ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو اڪيلو ذريعو آهي، چونڊن ۾ دير جا حربا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرف چوڌري پرويز الاهي به عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون.