لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ تي نگران حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو، نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم ڏيندي پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن جو حڪم ڏنو آهي، چونڊن جي تياري اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب ڪئي ويندي، نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي مدد لاءِ تيار آهي.