ڪراچي: صحت کاتي ۾19هين گريڊ جي آفيسر نواز سوهو جي 20 گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري واري عهدي تي مقرري جو اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس وٺي آرڊر رد ڪرڻ جي هدايت باوجود سروسز  کاتي جي اختيارين پاران نواز سوهو جي مقرري وارو آرڊر واپس  ورتو ناهي ويو.