اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف عدالت ويندس: عمران خان جو اعلان

0
317
ڪوڙي پروپئگنڊا ڪرڻ تي عمر فاروق

اليڪشن ڪمشنر جانبدار ٿي سازش جو حصو بڻيو ۽ مافيا جو ساٿ ڏنو، پي ٽي آءِ سربراهه طرفان نااهلي واري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان، عمران خان پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کي مئچ کان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف عدالت ويندس، آصف زرداري ۽ نواز شريف به توشه خانه مان غيرقانوني طور گاڏيون ڪڍيون، پر اُنهن جي خلاف ڪوبه فيصلو نه آيو

 

هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته تحريڪ تان پوئتي هٽي وڃان، چورن جو ٽولو چاهي ٿو سندن امپورٽيڊ حڪومت کي قبول ڪريان، اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جي بي ٽيم آهي

اهڙي فيصلي جي اُميد هئي، عمران خان پارٽي ڪارڪنن کي احتجاج ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اُهي لانگ مارچ تي ڌيان ڏين، ڪنهن به وقت مارچ جو سڏ ڏئي سگهان ٿو