اليڪشن ڪميشن جو هڪ ڀيرو ٻيهر اي وي ايمز جي استعمال تي خدشن جو اظهار

0
166
اي وي ايمز استعمال تي خدشن جو اظهار
اليڪشن ڪميشن جو هڪ ڀيرو ٻيهر اي وي ايمز جي استعمال تي خدشن جو اظهار

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي

اليڪشن ڪميشن خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خدشو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هيڪ ۽ جام ٿي سگهي ٿي

اليڪشن ڪميشن جي خدشن تي شيري رحمان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر جي اعتراضن جو جائزو ورتو وڃي

شيري رحمان چيو ته تجربي کانسواءِ اي وي ايم ذريعي عام چونڊون ڪرائڻ سمجھه کان ٻاهر آهي

واضح رهي ته حڪومت اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي