اليڪشن ڪميشن جو فيصلو، سياسي ڌريون خبردار ٿين

0
236
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي ته اسان جي سياست ۾ پنهنجي سياسي مفادن لاءِ حب الوطني،مذهب،لساني ۽ ٻيا ڪارڊ استعمال ڪيا ويندا آهن.جڏهن ته عوام جي اصل مسئلن تي گهٽ ڳالهايو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته عوام کي انهن نعرن سان جذباتي بڻائڻ  آسان آهي ۽ عام  ماڻهو پنهنجا سڀ مسئلا وساري اهڙن نعرن پٺيان لڳي پوندو آهي. جڏهن ته ماضي شاهد آهي ته جنهن  جنهن ڌر به اهي نعرا سياسي هٿيار طور مخالفن خلاف استعمال ڪيا اهي پاڻ به ان جو ئي شڪار ٿيا.پر پوءِ به سياسي ڌريون پنهنجو جائزو وٺڻ ۽ غلطيون سڌارڻ لاءِ تيار ناهن.هاڻي به ايئن ئي ٿي رهيو آهي ته سياسي ڌرين جي قسمت جا فيصلا عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿي رهيا آهن جنهن ڌر کي فائدو ٿئي ٿو اها خوش ٿئي ٿي جنهن ڌر کي نقصان پهچي ٿو اها وري ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿي پر آئيني ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا نه ٿي ڪري ته جيئن اهي آئين ۽قانون مطابق آزاد ۽ خومختيار ٿي فيصلا ڪن ۽ ڪنهن کي به انهن فيصلن تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ٿئي.

ممنوعه فنڊنگ ڪيس جيڪو عرف عام ۾ فارين فنڊنگ ڪيس جي نالي سان مشهور هو، ان جو 8 سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ نيٺ فيصلو اچي ويو آهي، جنهن اڳ ئي بحران ۾ ورتل پاڪستاني سياست ۾ هڪ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي. 8سال اڳ پي ٽي آءِ جي بنياد رکندڙ اڳواڻن مان هڪ اڳواڻ اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ اها درخواست داخل ڪئي ته پي ٽي آءِ کي ممنوعه فنڊنگ ٿي رهي آهي. جنهن ڪيس تي جلد ڪارروائي ٿيڻ بدران لڳاتار اينگهايو ويو. ٻه ڏينهن اڳ ئي عمران خان اعلان ڪيو هو ته خميس ڏينهن يعني سڀاڻي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ڪيو ويندو ۽ هن چيف اليڪشن ڪمشنر تي جانبدار هجڻ جو الزام لڳايو هو.انهن ڌمڪين ۽ دٻاءَ باوجود اليڪشن ڪميشن ڪالهه اهو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اتفاق راءِ سان جاري ڪيو ويو آهي. فيصلي مطابق اڪائونٽس بابت پي ٽي آءِ جو حلف نامو ڪوڙو ۽ عمران خان طرفان جمع ڪرايل فارم ون غلط قرار ڏنو ويو آهي.

 پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ويو آهي ته منع ڪيل فنڊز وٺڻ تي ڇو نه توهان جا فنڊز ضبط ڪيا وڃن، فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان 13 پرڏيهين کان فنڊز ورتا ويا،اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب آمريڪا، آسٽريليا ۽ يو اَي اِي مان فنڊز ورتا ويا، 13 نامعلوم اڪائونٽس سامهون آيا، پر پي ٽي آءِ اُنهن اڪائونٽس بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي، رڳو 8 اڪائونٽس قبوليا ويا، اسٽيٽ بئنڪ موجب اهي 13 اڪائونٽس پارٽي قيادت ۽ مئنيجمينٽ ٺاهيا هئا.اليڪشن ڪميشن موجب اڪائونٽس لڪائڻ آئيني ڀڃڪڙي آهي، پي ٽي آءِ کي 351 پرڏيهي ڪمپنيز کان فنڊز مليا، عارف نقوي جي ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ کان به منع ڪيل فنڊنگ ورتي وئي، پي ٽي آءِ کي آمريڪي شهري کان به فنڊز مليا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي اهڙو فيصلو آيو آهي جنهن جي بنياد تي پارٽي تي پابندي به لڳي سگهي ٿي ته ان جي  قيادت نااهل به ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ انهي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي حڪومت انهي فيصلي تي ڪهڙي ٿي ڪارروائي ڪري.

اسان  سمجهون ٿا ته اها بدقسمتي ٿيندي ته هڪ سياسي پارٽي تي ايئن پابندي لڳائي وڃي پر سياسي ڌرين کي به خيال رکڻو پوندو ته هو پنهنجي سياسي مفادن لاءِ اليڪشن ڪميشن جا ضابطا،آئين ۽ قانون ئي اورنگهي ٿا وڃن. اهو فيصلو رڳو پي ٽي آءِ لاءِ نقصانڪار ناهي ملڪ جي سڀني سياسي ڌرين لاءِ اهو خطرو کڻي آيو آهي جيڪي قانون کي اورانگهين ٿيون. تنهن ڪري سياسي ڌريون اهڙا فيصلا اچڻ کانپوءِ انهن ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران پنهنجون اندر جون غلطيون سڌارين ته گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو.