اليڪشن ڪميشن جو عمران خان جي سمورن تڪن تان ڪاميابيءَ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم

0
213
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عمران خان جي قومي اسيمبلي جي 7 تڪن تان ڪاميابيءَ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان چونڊ خرچن جا سمورا تفصيل فراهم ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڪري سندس ڪاميابيءَ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن

 عمران خان مردان، چارسده، پشاور، فيصل آباد، ننڪانه، ڪرم ۽ ڪورنگي ڪراچي جي قومي تڪن تان ننڍي چونڊ کٽي هئي، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بابت فيصلو 20 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو هو

هي به پڙهندا

نئين آرمي چيف سان ڪا به رليشن شپ نه آهي: عمران خان