لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن  طرفان ميونسپل اسٽيڊيم ۾ 21 جون تي رٿيل پيپلز پارٽي جي جلسي کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي خط اماڻي لاڙڪاڻي وارو دورو ملتوي ڪرڻ جو چيو ويو آهي، دورو ملتوي نه ڪرڻ تي معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو. ان سلسلي ۾ اليڪشن آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ڪاشف عنايت طرفان پ پ  چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مختلف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر جميل سومرو طرفان 21 جون تي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ رٿيل جلسي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي درخواست به اماڻي وئي آهي. خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق موجب اليڪشن پراسز دوران پبلڪ آفيس هولڊر جي جلسن جلوسن ۽ ميڙاڪن ۾ شرڪت توڙي مهم هلائڻ تي پابندي آهي تنهن ڪري اوهان کي صلاح ٿي ڏجي ته چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ لاڙڪاڻي وارو دورو ملتوي ڪيو وڃي ٻي صورت معاملو اليڪشن ڪميشن کي اماڻيو ويندو.