اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي  چونڊ تاريخ جي حوالي سان اڄ خميس ڏينهن  صدر کي لکت ۾ خط موڪلڻ جو امڪان آھي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ھيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس  ٿيو، جنھن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ اسيمبلي جي چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق  اليڪشن ڪميشن جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن وري  11 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ ان حوالي سان صدر کي خط لکڻ تي غور جو امڪان آھي. اليڪشن ڪميشن طرفان صدر کي پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن لاءِ تاريخ تجويز ڪرڻ جو به امڪان آھي.