اليڪشن ڪميشن تڪبندين بابت سياسي پارٽين جي بيانن جو نوٽيس ورتو

0
210

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي غير ذميواراڻي بيانن جو نوٽيس ورتو آهي

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 10 تحت لوڪل ڪائونسلن جو تعداد فراهم ڪرڻ صوبائي حڪومت جو استحقاق آهي

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي تڪبندين جو اسلام آباد جي تڪبندين سان ڪو به تعلق ناهي، اسلام آباد ۾ چونڊ شيڊول دوران يوسيز جو انگ وڌايو ويو ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي