اليڪشن ڪميشن تي حملي جو ڪارڻ ڌانڌلي نه فارن فنڊنگ جي فيصلي جو خوف آهي: مريم نواز

0
290
اليڪشن ڪميشن تي حملي جو ڪارڻ ڌانڌلي
اليڪشن ڪميشن تي حملي جو ڪارڻ ڌانڌلي نه فارن فنڊنگ جي فيصلي جو خوف آهي: مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي 20 سيٽن مان 5 تي شڪست ٿي، عمران خان کي وڌيڪ خوش ٿيڻ جي ضرورت نه آهي


ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تي حملي جو ڪارڻ ڌانڌلي نه پر فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جو خوف آهي
مريم چيو ته اوهان کي خبر آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ناقابل ترديد شاهديون مليون آهن، جن کي منظر عام تي آڻڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي

پنجاب ۾ حڪمراني کسڻ بعد اتحادي حڪومت وفاق ۾ اقتدار برقرار رکي سگهندي يا نه؟

پنجاب جي 20 تڪن مان 15 تي پي ٽي آءِ جي ڪاميابي بعد وڏو وزير حمزه شهباز اڪثريت وڃائي ويٺو