اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ پي ٽي آءِ کي ھڪ سال جي مھلت ڏئي ڇڏي

0
196
اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون
اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ پي ٽي آءِ کي ھڪ سال جي مھلت ڏئي ڇڏي

اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ھڪ سال جي لاءِ ڏنل مھلت جي درخوات منظور ڪري ورتي.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ايندڙ سال 13 جون تائين انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.

ياد رھي تھ تحريڪ انصاف پارٽي آئين تحت انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ھر 4 سالن کانپوءِ ڪرائڻ جي پابند آھي.

پي ٽي آءِ جي 2019 جي ترميم شدھ آئين تحت 18 مھينن جي اندر چونڊون ڪرائڻيون ھيون، وزيراعظم عمران خان پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان ڪورونا وبا سبب انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ھڪ سال جي مھلت گھري ھئي.